قمبر پوليس ڦورو کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ورتو

قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ واپاري کان ڦر ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن تھ جوابدار جي قبضي مان ڪلاشنڪوف ۽ ڦر ٿيل رقم به هٿ ڪري ورتي آهي.

ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڪامران نواز پنجوٿا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس جي مک جوابدار کي ڳوٺ ڪمال خان چانڊيو وٽ مقابلي دوران گرفتار ڪيو آهي.

هن چيو ته  جوابدار کان جاچ دوران هڪ عدد ڪلاشنڪوف ، ڏوھ ۾ استعمال ٿيل هڪ  موٽر سائيڪل ۽ ڦر ٿيل رقم به وصول ڪئي آهي.

هن چيو تھ  جوابدار مٿان پوليس مقابلي ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جو به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي چيو ته ضلعي اندر سماجي براين منشيات فروشن ۽ روپوش ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ پوليس جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.