پيپلز پارٽي نه ماضي ۾ ڊيل ڪئي نه اڳتي ڪندي…..!

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره جو چوڻ آهي ته ائين لڳي ٿو ڄڻ سمورو عذاب سنڌ ۾ اچي ويو آهي پر پوءِ به سنڌ حڪومت ڪيرائڻ توهان جي وس جي ڳالهه ناهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي صدر قمر زمان ڪائره جو چوڻ هو ته ڪشڪول ٽوڙڻ جي دعويدار حڪومت 40 ارب ڊالر قرض وٺڻ جو پروگرام بڻائي رهي آهي، خبر آهي اِها نيشنل بينڪ ۽ اسٽيٽ لائف کي وڪرو ڪرڻ پيا چاهن پر ادارا وڪرو ڪري ملڪ هلائڻو آهي ته ان کي ميٽرڪ پاس اسٽوڊنٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:بلاول تي الزام هڻي سياست کان ٻاهر نه ٿو ڪري سگهجي: قمر زمان ڪائره

قمر زمان ڪائره جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽ  نه ماضي ۾ ڊيل ڪئي نه اڳتي ڪندي ۽ اسان توهان کي به ڊيل ڪنداسين، جيڪا باهه توهان ٻاري آهي ان ۾ توهان جا پنهنجا پير به سڙڻ وارا آهن، پهرين ڊينگي جو مقابلو ڪيو پوءِ اسان جي مقابلي ڏانهن اچو، ڪجهه ماڻهن کي معطل ڪرڻ سان ڪهڙو مسئلو حل ٿي ويندو، هڪ پاسي بيروزگاري آهي ته ٻئي پاسي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا.

پيپلز پارٽي جي سينيئر  اڳواڻ چيو ته مينجرز ۽ اسٽالرز اڄ به سمجهن ٿا ته انهن کي گڏ کڻي هلڻو آهي، مولانا فضل الرحمان نڪري رهيو آهي اسان به نڪرنداسين، مخالف ڌر محاذ بڻائيندي ۽ هن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪندي جڏهن ته موجوده حڪومت جي دور ۾ 15 کرب جون بيضابطگيون سامهون آيون آهن، هي يوٽرن وٺندا آهن يا انڊر ٽريننگ ماڻهو رکندا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:قمر زمان ڪائره جو نوجوان پٽ لالا موسيٰ وٽ روڊ حادثي ۾ فوت

قمر زمان ڪائره جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ تي فوڪس آهي، سمورا ڪيس شروع ٿي ويا آهن، ائين لڳي ٿو ڄڻ سمورو عذاب سنڌ ۾ اچي ويو آهي پر اهڙي طرح سنڌ حڪومت نه ڪندي توهان جي آئين کان مٿي وڃڻو پوندو، سنڌ حڪومت ڪيرائڻ توهان جي وس جي ڳالهه ناهي جڏهن ته فريال ۽ آصف زرداري کي جيل ۾ رکڻ جو منصوبو ناڪام ٿي ويو، آرڊيننس سان حڪومت ڪيرائي ملڪ هلائيندا ته اسان ائين نه ڪرڻ ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.