بصر ۽ ڀينڊين جو قورمو

شيون:

ڀينڊيون اڌ ڪلو

لوڻ ضرورت موجب

گرم مصالحو (پيٺل) 1 چمچو

بصر (وچولا) 6 داڻا

ڳاڙها مرچ (پيٺل) ضرورت موجب

تيل پچائڻ لاءِ کڻو

ٺاهڻ جو طريقو: بصر سنهڙا ڪاٽي وٺو، ڀينڊيون وچوليون ڪٽي وٺو، هنڊي يا ديڳڙيءَ ۾ تيل گرم ڪري وٺو، گرم تيل ۾ بصر، لوڻ، ڳاڙها مرچ ۽ گرم مصالحو وجهي پچائي وٺو. بصر معمولي سنهري رنگ جا ٿي وڃن ته ڀينڊيو وجهي ڇڏيو، باهه گهٽ ڪري دم تي رکو، ٻاڦ تي ڀينڊيون ڳري وينديون، پاڻي بلڪل نه وجهو، دم تان لاهي وٺو بصر ۽ ڀينڊين جو قورمو تيار.

You might also like