پنجاب حڪومت ڀاڙن ۾ واڌ ڪري ڇڏي…..

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت  لاهور ۽ راولپنڊي ميٽرو بس جي ڀاڙن ۾ 10 رپيا واڌ ڪري ڇڏي.

پنجاب جي ناڻي واري کاتي موجب بسن جي ڀاڙن ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندي ۽ ان واڌ سان سالياني سبسڊي ۾ هڪ کان ڏيڍ ارب رپين جي گهٽتائي ٿيندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت ميٽرو بسن تي ساليانو 9 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي رهي هئي.

ناڻي واري کاتي ٻڌايو ته ميٽرو بسن تي اشتهار لڳائي انهن مان آمدن به حاصل ڪئي ويندي جڏهن ته صوبائي حڪوتم جاري منصوبن تي سبسڊي به گهٽ ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.