پي ٽي ايم ڪارڪنن جو پاڪ فوج تي حملو: پنج فوجي زخمي، علي وزير ساٿين سميت گرفتار

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) محسن داوڙ ۽ علي وزير جي سربراهي ۾ پشتون تحفظ موومنٽ ( پي ٽي ايم ) جي ڪارڪنن سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پنج اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ميران شاهه جي علائقي بويا ۾ قائم خارڪمر چيڪ پوسٽ تي حملو ٿيو، گروهه حملي جو مقصد دهشتگردي جي شڪي سهولتڪارن کي ڇڏائڻ لاءِ دٻاءَ وجهڻ هو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چوڪي تي حملي آور جي فائرنگ سبب پنج فوجي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن جن کي سي ايم ايڇ اسپتال اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽي حملي آور مارجي ويا جڏهن ته ڏهه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پاڪ فوج جي پڌرائي ۾ ڄاڻايو  ويو آهي ته فوج تي حملي جي الزام هيٺ پي ٽي ايم اڳواڻ علي وزير کي سندس اٺن ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن محسن داوڙ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ماڻهن کي فوج تي حملي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي، تنهنڪري انهن ميمبرن جي پارليامنٽ ليڊر هئڻ سبب پراڊڪشن آرڊر جاري نه ڪري سگهبا، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي سندن گرفتاري بابت آگاهه ڪيو ويندو.

You might also like