بلاول جو سڄو خاندان چور نڪتو….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي خاص مدگار عثمان ڊار چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي لاءِ شرم جو مقام آهي سڄو خاندان ئي ڪرپٽ نڪتو، پيءُ پڦي جن الزامن ۾ گرفتار ٿيا بلاول کي منهن لڪائڻ گهرجي.

تفصيل موجب وزير اعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار بلاول ڀٽو جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته حيرت آهي ته بلاول ڀٽو طرفان پيءُ ۽ پڦي جي ڪرپشن جو دفاع ڪيو پيو وڃي.

عثمان ڊار چيو ته بلاول کي مشرف ۽ عمران خان جي دور ۾ فرق جي خبر پوڻ کپي. مشرف جي دور ۾ اين آر ملندو هو، عمران خان جي دور ۾ نه، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ سڀ چور جيل ۾ وڃي رهيا آهن.

هن چيو ته مشرف دور ۾ باورچين سميت سڄو خاندان لنڊن ۽ جده ڀڄي ويندو هو، پرويز مشرف ڊيل ڪئي هئي عمران خان ڍر به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

عثمان ڊار چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ڪرپشن ۽ احتساب تي سمجهوتو نه ٿيندو، بلاول، وزير اعظم ۽ حڪومت تي تنقي بدران ڪيسن جي پيروي ڪري.

You might also like