پي ٽي آءِ سرڪار جو ٻيو يوٽرن! ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ لاءِ ايمنسٽي اسڪيم منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ+م ڊ)وفاقي ڪابينا ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن مطابق رڳو چار سيڪڙو ٽيڪس ڏئي ڪاري ناڻي کي اڇو ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪاري ناڻي کي آڇ ڪرڻ بابت ايمنسٽي اسڪيم لاءِ ايسٽ ڊڪلئيريشن آرڊيننس 2019ع جي منظوري ڏني وئي، صدارتي آرڊيننس ذريعي ان کي لاڳو ڪيو ويندو، اسڪيم مطابق پاڪستان ۾ اثاثاظاهر ڪرڻ تي چار سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻو پوندو ۽ ٻاهرين ملڪ اثاثا 6 سيڪڙو ٽيڪس ادائيگي تي ظاهر ڪري سگهبا، هوڏانهن  ناڻي کاتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار حفيظ شيخ چيو آهي ته ايمنسٽي اسڪيم ذريعي پرڏيهه منتقل ڪيل رقم جو 4 سيڪڙو حصو جمع ڪرائي اُن کي وائيٽ ڪرائي سگهجي ٿو، اسڪيم ۾ بي نامي اڪائونٽس جي رقم کي به وائيٽ ڪرائڻ جي سهولت ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نئين ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏني وئي، جنهن کي صدارتي آرڊيننس ذريعي لاڳو ڪيو ويندو. ڪابينا جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي کاتي جي صلاحڪار حفيظ شيخ چيو ته ايمنسٽي اسڪيم ڏيڻ جي منظوري ڏيڻ جو بنيادي مقصد پئسا گڏ ڪرڻ نه، پر اثاثن کي معيشت ۾ شامل ڪري فعال ڪرڻ آهي. هُن چيو ته ڪوشش آهي ته اها اسڪيم سولي هجي ته جيئن ماڻهن کي ڏکيائيون نه ٿين، ڇاڪاڻ جو اُن جو مقصد ماڻهن کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ نه آهي. حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته هن اسڪيم ۾ هر پاڪستاني حصو وٺندو، جيڪڏهن پرڏيهه ۾ اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ شرط آهي ته پهرين اُنهن کي ڪنهن بئنڪ جي اڪائونٽ ۾ رکيو وڃي. ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪيل رقم تي چار سيڪڙو ڏئي اُن کي وائيٽ ڪري سگهجي ٿو ۽ اُها رقم پاڪستان جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ رکڻي پوندي، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو رقم کي وائيٽ ڪرائڻ باوجود پرڏيهه ۾ ئي رهڻ گهري ٿو ته اُن لاءِ وائيٽ ڪرڻ جو شرط 6 سيڪڙو آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته تازو بي نامي اڪائونٽس جي حوالي سان قانون پاس ٿيو، جنهن تحت بي نامي اڪائونٽس ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ ضبط ڪري سگهجن ٿا، تنهن ڪري ايمنسٽي اسڪيم ۾ سهولت ڏني پئي وڃي ته بي نامي اثاثن کي وائيٽ ڪرايو وڃي، اُن کان اڳ جو پهرين وارو بي نامي اڪائونٽ بابت قانون حرڪت ۾ اچي وڃي سرڪاري عملدار ان اسڪيم مان فائدو نه وٺي سگهندا.هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ان اسڪيم مان فائدو نه کڻندو ته پوءِ قانون حرڪت ۾ ايندو ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ انهن جون جائيدادون ضبط ڪيون وينديون، ان اسڪيم مان صدر، وزيراعظم، گورنر، وڏا وزير ۽ پارليامينٽ ميمبر فائدو نه وٺي سگهندا.

You might also like