صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ جو سوشل سيڪيورٽي اسپتال دورو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پورهئي واري صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ لانڍي سوشل سيڪيورٽي اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو.

غلام مرتضٰي بلوچ آءِ سي يو، ٻارڙن جي وارڊ سميت مختلف وارڊن جو دورو ڪري صفائي سٿرائي جو جائزو ورتو.

پورهئي واري صوبائي وزير ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ کي هدايت ڪئي تھ فوري طور تي درين کي ڄاريون لڳايون وڃن.

هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جي خاص هدايتن تي صحت ۽ تعليم لاءِ خاص انتظام ڪري رهيا آهيون.

You might also like