رپورٽ: جروار ۾ صحافين پاران عوامي آواز ميڊيا گروپ جي آفيس تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٽنڊو جان محمد: سانگي ڦرهو جي عورت مڙس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب پهتي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٽنڊو جان محمد: سانگي ڦرهو جي عورت مڙس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب پهتي

جروار ۾ قلم ڌڻين طرفان گهوٽڪي اسپيشل پوليس ٽيم جي انچارج خلاف ٻي ڏينهن به احتجاج ڪيو.

ڪيلاش راء، سڪندر بوزدار، فيض گبول ۽خالد بوزدار جو چوڻ هو ته پوري ضلع ۾ هلندڙ جوا جي اڏن تان منٿلي وٺڻ تي صحافين پاران پول پڌرا ڪرڻ تي صحافين خلاف رڻ ٻاري رھيو آھي.

هنن چيو ته اسپيشل پوليس ٽيم انچارج شعبان چاچڙ ۽ ذاڪر شاھ  بااثر ماڻھن جي چوڻ تي چڙھائي ڪري صحافين تي تشدد ڪري آفيس مان سامان کڻي ويو آھي.

اڳواڻن چيو ته جيستائي ايس ايس پي گهوٽڪي بدمست اهلڪار خلاف ڪارروائي نه ڪندو ايستائين احتجاج جاري رهندو……………

You might also like