صحافي علي شير جي قتل ۾ نامزد جوابدار جي حفاظتي ضمانت واري  درخواست رد

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌهاءِ ڪورٽ سکر بئنچ  صحافي علي شير راڄپر  جي قتل ۾ نامزد جوابدار ٽائون ڪاميٽي چيئرمين جي حفاظتي ضمانت واري درخواست رد ڪري لاڳاپيل ڪورٽ ۾ وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌهاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي ججن  جسٽس محمد اقبال مهر ۽ جسٽس سيد ارشاد علي شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ صحافي علي شير راڄپر جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ٽائون چئرمين شڪيل راڄپر جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي .

 4 مئي تي نوشهرفيروز جي صحافي علي شير راڄپر کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو ، ڪيس ۾ نامزد جوابدار پڊعيدن جي ٽائون چئرمين شڪيل راڄپر حفاظتي ضمانت لاءِ سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي.

ٻڌڻي دوران وڪيلن جي دليلن کان پوءِ عدالت صحافي علي شير راڄپر جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ٽائون چئرمين شڪيل راڄپر جي گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت درخواست رد ڪندي حڪم ڏنو ته ضمانت لاءِ لاڳاپيل ڪورٽ کي درخواست ڏيو.

4  مئي تي پيش آيل افسوس جوڳي واقعي ۾ قتل ٿيل صحافي علي شير راڄپر جي قتل ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت ٽائون چئرمين شڪيل راڄپر سميت 6 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو.

You might also like