ڪرپٽ اسيمبلي ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ گهرجن: وزير اعظم

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) حڪومت پراڊڪشن آرڊر قانون ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي،  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث اسيمبلي ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر نه ٿيڻ گهرجن.  وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.  اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ ميمبرن جي پراڊڪشن آرڊر بابت قانون ۾ ترميم جي هدايت ڪئي.  ذريعن موجب ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث پارليامينٽ ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ گهرجن، اهڙي قسم جي قيدين کي جيل ۾ سياسي قيدي جو درجو نه ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڪرپشن ۾ سزايافته ماڻهن کي وي آءِ پي جيل ۾ نه رکيو وڃي، ڇو ته نئين پاڪستان ۾ سمورن قيدين سان برابر سلوڪ ٿيندو،وزيراعظم چيو ته پراڊڪشن آردر سياسي قيدين لاءِ هوندا آهن، ان ڪري بدعنواني ۾ ملوث جوابدارن جا پراڊڪشن آرڊر به جاري نه ٿيڻ گهرجن، قومي خزاني ۾ گهوٻيون هڻندڙ ڪنهن رعايت جا مستحق ناهن، وزيراعظم عمران خان اسيمبلي ميمبرن جي پراڊڪشن آرڊر وارو معاملو قانون واري وزارت حوالي ڪري ڇڏيو مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جي گرفتاري تي وزيراعظم چيو ته راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري سياسي نه قانوني معاملو آهي جنهن سان حڪومت جو ڪو تعلق ناهي ۽ ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، وزيراعظم اجلاس ۾ اسلام آباد جو نئون ماسٽر پلان هڪ مهيني ۾ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، سندس اهو به چوڻ هو ته ملڪي هوائي اڏن تي جنگي بنيادن تي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ايئرپورٽن تي ڏيساور پاڪستانين سان عزت ۽ احترام سان پيش اچيو وڃي، ان تي سمجهوتو نه ڪندس، وفاقي ڪابينا سيد زبير گيلاني کي چيئرمين بورڊ آف انويسٽمينٽ بڻائڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته 40 سيڪڙو پرائيوٽ حج ڪوٽا واپس وٺڻ جي به منظوري ڏني وئي، اضافي ڪوٽا مان پرائيوٽ ٽوئر آپريٽرن کي ڏنل ڪوٽا سرڪاري اسڪيم ۾ شامل هوندي،   .

You might also like