عمران خان جدوجهد ڪري رهيو آهي…! پي ٽي آءِ اڳواڻ جي پريس ڪانفرنس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اعواڻ عامر ڪياني چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان ڪشميرين جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. عامر ڪياني چيو ته ڪشمير جي معاملي تي اسان کي متحد ٿي اڳتي وڌڻ گهرجي.

عامر ڪياني جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال تي حڪومت جو مڪمل ڌيان آهي، ڪنهن کي به والاريل ڪشمير جي معاملي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي.

اڳوڻي صحت واري وفاقي وزير چيو ته ڪشمير تي سياست بدران مخالف ڌر کي پنهنجي معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر اڳواڻن تي ڪيس اسان جي حڪومت ناهن بڻايا، اسان کي ذميوار قرار ڏيڻ مناسب ناهي.

عامر ڪياني جو چوڻ هو ته مخالف ڌر اڳواڻن جا ڪيس عدالتن ۾ ئي آهن، هو انهن کي منهن ڏيندو.

هن وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير تي پاڪستان ۽ قوم جو موقف هڪ آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ظلم ڪيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.