آرمي چيف، بلاول ڀٽو، وزير اعظم ۽ ٻين طرفان قمر زمان جي پٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

راولپنڊي/اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ وزير اعظم عمران خان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره جي پٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قمر زمان ڪائره جي پٽ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، آرمي چيف چيو ته الله تعاليٰ قمر زمان ڪائره جي وارثن کي صبر عطا فرمائي.

وزير اعظم عمران خان قمر زمان جي پٽ جي وفات تي ڏک جو اطهار ڪيو آهي، وزير اعظم ڏک ۾ ورتل والدين ۽ خاندان جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي قمر زمان ڪائره جي پٽ جي حادثي موت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم جي مغفرت، وارن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار قمر زمان ڪائره جي پٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جوان پٽ جي ٽريفڪ حادثي ۾ مارجي وڃڻ تي ڏاڍو ڏکي ٿيو آهي.

وزير اعظم جي سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جواب پٽ اُسامه جي ٽريفڪ حادثي ۾ وفات تي دلي ڏک رسيو آهي، قمر زمان ڪائره ۽ سندس خاندان سان ڏک ۾ شريڪ آهيون.

پنجاب جي گورنر چوڌري سرور قمر زمان ڪائره جي پٽ جي لاڏاڻي تي افسوس ڪيو، گورنر پنجاب جو چوڻ هو ته جوان پٽ جي لاڏاڻِ تي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز به قمر زمان ڪائره جي وٽ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قمر زمان ڪائره سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته سندس جوان پٽ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي سخت صدمو رسيو آهي، هو خدا کان مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهي.

جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like