سعودي جهازن تي حملي ۾ ايران جي ملوث هئڻ جا ثبوت مليا ته ڪارروائي ۾ دير نه ڪنداسين: ٽرمپ

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته سعودي تيل بردار جهازن تي حملي ۾ ايران جي ملوث هئڻ جا ثبوت مليا ته ڪارروائي ڪرڻ ۾  دير نه ڪنداسين.

آمريڪا خدشو ظاهر ڪيو ته آهي ته آبنائي هرمز ويجهو سعودي سامونڊي جهازن تي حملي ايران ملوث ٿي سگهي ٿو ، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران حملي ۾ هوندو ته آمريڪا ان خلاف ايڪشن کڻڻ ۾ دير نه ڪندو ۽ نتيجن جو ذميوار به ايران هوندو.

ٻئي پاسي اران جي پرڏيهي وزير اصل ذميواري کي سامهون آڻڻ لاءِ واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته آمريڪا ۽ گڏيل عرب رياستن گڏجي واقعي جي جاچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عرب امارتن طرفان حملي جو نشانو بڻجندڙ سامونڊي جهازن جي ويڊيو به جاري ڪري ڇڏي آهي.

You might also like