جنگ جي شروعات ڀارت ڪئي اهي ۽ ان کي ختم اسان ڪنداسين….!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان چيو آهي ته هن وقت خطو جنگ جي ڪناري تي آهي جنگ جي شروعات ڀارت ڪئي اهي ۽ ان کي ختم اسان ڪنداسين، اها صدين جي جنگ آهي.

اسلام آباد ۾ سول سوسائٽي طرفان ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي جنهن آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي.

ريلي ۾ بشپ نديم ڪامران جي اڳواڻي ۾ مسيحي برادري جي وفد، سردار پرتاب سک جي سربراهي ۾ سک برادري جي وفد ۽ پاڪستان جي مشهور اداڪار شان شاهد سوڌو مشهور ملڪي ۽ پرڏيهي فنڪارن شرڪت ڪئي.

ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي سان خطاب ڪندي آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان چيو ته ڀارت ڪشميرين کان هنن جو حق کسي ورتو ۽ ڪشميرين کان پڇيل کان سواءِ هنن جي رياست ٻه حصا ڪري ڇڏي.

هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير تي هڪ نئون حملو ڪيو۽ ان کان اڳ هڪ لک 80 هزار تازا دستا ۽ هٿيار موڪليا جڏهن ته اڳ ئان 7 لک فوجي ڪشمير ۾ موجود هئا.

سندس چوڻ هو ته ڀارت معصوم ڪشميرين تي حملو ڪيو، سرينگر، ڪارگل، ڄمون جي 5 ضلعن جي عوام وٽ ڪو به هٿيار ڪو به توپ خانو نه آهي.

آزاد ڪشمير جي صدر چيو ته ڀارت ڪشميرين کي چئلينج ڪيو آهي ته سڄي ڀارت مان هندن کي هتي آڻي آباد ڪنداسين ۽ مسلمانن جي اڪثيريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسين.

سردار مسعود خان چيو ته هٿيار هجڻ باوجود ڀارت ۾ اهڙي قدم کي عملي جامو پهرائڻ جي جرعت نه هئي، ان والاريل ڪشمير جو دورو ڪيو ۽ انسانيت خلاف ڏوهه هڪ نئين سلسلي جي شروعات ڪئي.

هن چيو ته ڀارت انتهاپسنداڻو قدم کني ڪشميرين ۽ پاڪستان جي غيرت، مسلمان امت ۽ عالمي برادري کي للڪاريو آهي، ان جو جواب اسان ضرور ڏينداسين اهو اسان جو تاريخ سان واعدو آهي.

عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي: آمريڪي راڳي

ريلي سان خطاب ڪندي آمريڪي راڳي توشي چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير جو عوام منهنجي دل ۾ رهندو آهي.

 هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير وادي جي حقن تي قبضو ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ بربريت ڀارت جو سيڪيولر چهرو بي نقاب ڪري رهي آهي.

 سندس چوڻ هو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺڻو پوندو.

توشي چيو ته ڀارت ۾ به والاريل ڪشمير بابت غير آئيني قدمن جي مخالفت ڪئي پئي وڃي.

جڏهن به ضرورت پئي سڀ کان اڳ ۾ بارڊر تي پهچنداسين: سردار پرتاب سنگھه

سک برادري جي اڳواڻ سردار پرتاب سنگھه ريلي سان خطاب ڪندي چيو ته آئون سک برادري طرفان 18 ڏينهن کان والاريل ڪشمير ڀارتي بربريت جي سخت مذمت ڪندو رهيو آهيان ۽ آزاد ڪشمير جي صدر کي خاطري ڪرايان ٿو ته سک برادري ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.

هن چيو ته گولڊن ٽيمپل مان ڪشميرين تي جاري ظلم بند ڪرڻ جو مطالبوڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ موجود سک برادري ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ مرڻ تائين گڏ رهندي.

سردار پرتاب سنگه چيو ته آرمي چيف ۽ زويراعظم عمران خان جي هڪ اشاري جو انتظار آهي ته جڏهن به ضرورت پئي ته سک سڀ کان اڳ بارڊر تي پهچندا.

سک اڳوان چيو ته مودي اقتدار جي نشي ۾ آهي، هن کي خبر ناهي ته ڀارت ۾ سک وڏي انگ ۾ موجود آهن ۽ سک قوم جڏهن به اٿندي آهي ته وڏا وڏا ڀڃي ويندا آهن.

سندس چوڻ هو ته گڏيل قومون ڪشميرين خلاف ظلم بند ڪرائي، والاريل ڪشمير ۾ ٻارڙا اسڪول ۽ ڪاليج نه پيا وڃي سگھن، اڄ نه ته سڀاڻي والاريل ڪشمير سان گڏوگڏ ڀارت کان خالصتان به وٺنداسين.

مودي سرڪار اسان جي صبر جو امتحان نه وٺي: بشپ نديم ڪامران

مسيحي برادري جي اڳوان بشپ نديم ڪامران ريلي سان خطاب ڪندي چيو ته اها ريلي ان ڳالهه کي ثابت ڪري ٿي ته اسان ڪشميري ڀائرن جي ڏک ۾ هنن سان گڏ آهيون.

هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ جي آزادي جي تحريڪ دوران ئي محسوس ڪري ورتو هو ته اسان هنن سان گڏ نٿا رهي سگهون ۽ هن پاڪستان جو نظريو پيش ڪيو.

 پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته ڀارت ۾ ڪشميرين تي ظلم ٿي رهيو آهي، هنن کي جيرو ساڙيو پيو وڃي، هنن جو عزتون لٽجي رهيون آهن اها ظلم جي انتها آهي.

سندس چوڻهو اسان اچ سڄي قوم، پنهنجي وزيراعظم، آرمي چيف ۽ هر سپاهي سان گڏ بيٺا آهيون، اسان سلامتي ۽ بقا لاءِ رڳو دعا ناهيون ڪندا هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جي رت جو ڦڙو ڦڙو ڪشمير جي آزادي لاءِ تيار آهي.

You might also like