ڳورهاري عورتن ۽ ٻارن جي نگراني ڪندڙ سولر جي پي ايس بريسليٽ

ڪينيا (ويب ڊيسڪ) ڪينيا ۽ ٻين آفريقي ملڪن ۾ خانه بدوش ۽ جانور چاريندڙ عورتون اڪثر خيال ناهن رکي سگھنديون ۽ اهڙيءَ ريت هنن کي ۽ سندن ٻارن کي به خطرو هوندو آهي. ان ڪري شمسي توانائي سان هلندڙ هڪ بريسليٽ ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ جي پي ايس نظام موجود آهي.

ڪينيا جي ٻيلن ۽ ميدانن ۾ وڏو انگ خانه بدوشن جو آهي جيڪي چوپائي مال سان گڏ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌسفر ڪندا رهندا آهن. شروعاتي طور تي 50 ڳورهاري  عورتن کي شمسي نظام توانائي سان هلندڙ بريسليٽ لڳايا ويا جنهن ۾ جي پي ايس (گلوبل پوزيشننگ سسٽم) ٽريڪر به لڳل آهي.

انهن مان ڪجهه عورتون اهڙن پري وارن علائقن سان واسطو رکن ٿيون جتي ڊاڪٽر ۽ اسپتال جو نالو ۽ نشان ئي ناهي هوندو. گذريل سال فيبروري ۾ شروع ڪيل ان پروگرام ۾ هن وقت تائين 168 ڳورهاري عورتن کي شامل ڪيو ويو آهي. صحت جي ٽيم ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃڻ کان اڳ ڳوٺ جي سربراهه يا ڪنهن رضاڪار سان رابطو ڪندي آهي، جيڪو عورتن کي هڪ هنڌ گڏ ڪندو آهي. ان کان پوءِ ڊاڪٽر ۽ نرس اچي هنن جو چيڪ اپ ڪنديون آهن ۽ دوا تجويز ڪنديون آهن.

اهڙيءَ ريت هڪ ئي وقت 150 جي لڳ ڀڳ عورتن جو چيڪ اپ ۽ علاج ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪا عورت رستي ۾ هجي ته جي پي ايس هنن کي باخبر ڪندو آهي ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم ان جو انتظار ڪندي آهي.

 هر معائني تي چيڪ اپ دوران ڪيتريون نيون عورتون اميد سان هجڻ جو انڪشاف ٿيندو آهي. ان سان گڏوگڏ عورتن کي جنسي طريقي سان پکڙجندڙ مرضن لاءِ به ٽيسٽ ڪيو ويندو آهي. ڪينيا جون ڳوٺاڻين عورتن موجب جي پي ايس بريسليٽ سان هنن جي رجسٽريشن کان پوءِ لاڳيتو هنن جي صحت کي ڏٺو وڃي ٿو ۽ هنن جي حياتي بچائي سگھجي ٿي.

You might also like