رپورٽ: ٺري ميرواهه، ڳڙهي خيرو، ڄامشوري ۽گمبٽ ۾ آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٺري ميرواهه، ڳڙهي خيرو، ڄامشوري ۽گمبٽ ۾ آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٺري ميرواهه، ڳڙهي خيرو، ڄامشوري ۽گمبٽ ۾ آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج

سنڌ جي ٻين شهرن جيان ٺري ميرواهه، ڳڙهي خيرو، ڄامشوري ۽گمبٽ سميت ٻين شهرن ۾ به اڳوڻي  صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ٺري ميرواھه ۾ آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف ناڪا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ڪارڪنن، ايڊو ڪيٽ اي ڊي شر ، ثمرين دستي ، ايڊو ڪيٽ زينب بلوچ،  شھنشاھ علي دستي،   امتياز لاشاري،  جاويد رند،  عبدالطيف شر،  ڪاشف رضا ٻانڀڻ،  شيراز شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت احتجاج ڪيو.

ڳڙھي  خيرو ۾  مير عامر خان شھلياڻي ، ٽڪا خان لغاري   ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين شهرين ۽ جيالن شرڪت ڪئي.

ڄامشوري ۽ ڪوٽڙي ۾ امتياز ھڱوري،  دلشاد بليدي،  غلام حسين مغل ، مرتضيٰ کابوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

گمبٽ ۾  پ پ ڪارڪنن لالا سليم گھمرو،  سيد علي اڪبر شاهه،  محمد حيات انڙ، ظفر گھمرو،  غلام نبي ملاح ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو .

ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻن ۽ ريلين کي خطاب ڪندي چيو تھ  وفاقي حڪومت سدائين  پيپلز پارٽي سان ظلم ۽ زيادتيون ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن.

اڳواڻن چيو تھ  اڳوڻي صدر ۽ پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي گرفتاري مذمت جوڳو عمل آهي جڏهن ته هو ڪيسن کان فراريت اختيار ڪرڻ بجاءِ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو هو.

هنن مطالبو ڪيو ته آصف علي زرداريءَ خلاف داخل ڪيل ڪوڙا ريفرنسز واپس وٺي کيس هڪدم آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو اسلام آباد تائين وسيع ڪيو ويندو……………

You might also like