خوابن جي بادشاهه جو وڏي عيد تي وڏو اعلان…..!

ڪوٽڏيجي(ويب ڊيسڪ) خوابن جي بادشاهه ۽ پيپلز پارٽي سينيئر وزير منظور وساڻ پارلياماني سياست تان ريٽائرڊ ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

وڏي عيد تي وڏو اعلان سامهون آيو آهي خوابن جي بادشاھ منظور وساڻ پارلياماني سياست تان رثائر ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو .

ڪوٽڏيجي ۾ وساڻ هائوس  تي ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور حسين وساڻ چيو ته  پيپلز پارٽي جو قائد نوجوان آهي ان ڪري مان به چاهيان ٿو ته نوجوان سندس ساٿ هجن، هن چيو ته اڄ لان پوءِ پنهنجي جڳاھ تي پارليامينٽ جي سياست منهنجو نوجوان پٽ بئريسٽر هالار خان وساڻ ڪندو.

هن چيو ته پارليامينٽ جي سياست هاڻي اسان جهڙن کان نه ٿيندي هاڻ نوجوان اڳتي اچن، ڪارڪنن سان تعلق رهيو آهي پارٽي جنهن کي چاهي ٽڪيٽ ڏي مونکي ڪوبه اعتراض نه هوندو.

هن چيو ته مان نه پير آهيان نه ڪنهن درگاهه جو گادي نشين آهيان، مان سمجهان ٿو هاڻي پارليامينٽ ۾ منهنجي وڃڻ جي ضرورت ناهي هاڻي پارليامينٽ ۾ نوجوانن جي ضرورت آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته مونکان جيڪو ٿي سگهيو عوام جي خدمت ڪئي هاڻي نوجوان عوام جي خدمت ڪن  ان موقعي تي بئريسٽر هالار خان وساڻ چيو ته ڪوشش ڪندس پنهنجي والد وانگي عوام جي خدمت ڪيان.

هن چيو ته منهنجي والد جي عوام سان محبت رهي آهي ۽ عوام جي منهنجي والد سان محبت آهي.

هالار خان وساڻ  چيو ته عوام کي مايوس نه ڪندس پنهنجي والد جا شفقت جا هٿ منهنجي مٿان آهن والد وانگي عوام جي خدمت ڪندس.

You might also like