پ پ ۽ ن ليگ نيب چيئرمين خلاف هڪ آواز، انٽرويو تي استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ماڻهن کي هٿڪڙيون هڻو، جيلن ۾ وجهو پوءِ چون ٿا ته معيشت به هلايو.  احتساب عدالت ٻاهران ميِڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته 80 ورهين جي پيرسن ماڻهن کي عدالت ۾ آندو پيو وڃي،هٿڪڙيون هڻي جيلن ۾ وڌو وڃي ٿو. هن چيو ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين جوابدار عدالت جو پسنديده ٻار هوندو آهي، اڃا ته ڏوهه ڪو به ناهي، اڃا ته ڪنهن خلاف ڏوهه ثابت نه ٿيو آهي، اڃا ته هي سوچي رهيا آهن.  آصف زرداري چيو ته نيب چيئرمين کي انٽرويو ڏيڻ جو حق ناهي، سندس عهدو کيس انٽرويو ڏيڻ جي اجازت نه ٿو ڏي. هن چيو ته جيڪڏهن نيب چيئرمين انٽرويو ڏنو ته قانوني ڪارروائي ڪنداسين. صحافي سوال ڪيو ته نون مهينن تائين مخالف ڌر جو اتحاد مضبوط نه ٿيو آهي، هاڻي ڇا ٿيندو، جنهن تي آصف زرداري چيو ته نون مهينن ۾ اسان ايئن سوچيو ئي ناهي. مريم نواز طرفان وزيراعظم کي جعلي قرار ڏيڻ جي بيان بابت سوال تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته مان ته شروع ۾ ئي چيو هو ته سليڪٽڊ وزيراعظم آهي، اپوزيشن اتحاد بابت هن چيو ته 9 مهينن تائين اتحاد جو نه سوچيو هو، هاڻي سوچيو آهي ته اتحاد به ٺهي ويو، اپوزيشن جي ٻيهر چونڊن يا قومي حڪومت جي مطالبي جي سوال تي آصف زرداري چيو ته منهنجي نظر ۾ ته ٻيهر اليڪشن ڏانهن وينداسين، اپوزيشن جي قيادت نئين جنريشن جي ڳالهه ڪئي آهي، مولانا صاحب جو پٽ، منهنجو پٽ ۽ مريم بي بي ليڊ ڪندا ۽ اسان آرام ڪنداسين، نواز شريف سان ملاقات جي حوالي سان هن چيو ته ملڻ جو ارادو ٿيو ته ملاقات ڪري وٺنداسين، ان ۾ ڪو مسئلو ناهي، جڏهن کانئس سوال ڪيو ويو ته هڪ افطار ڊنر سان حڪومت ايترو پريشان ٿي وئي ، جنهن تي آصف زرداري چيو ته ” اڃا ته عشق جي ابتدا آهي“

You might also like