پ پ ۽ ن ليگ وفاقي بجيٽ رد ڪري ڇڏي

 

اسلام (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وفاقي بجيٽ 20-2019 کي رد ڪري ڇڏيو.

وفاقي حڪومت مالي سال 20-2019 لاءِ لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو خساري جي بجيٽ پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ 11 کرب رپين کان وڌيڪ نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن، جن ۾ کنڊ، ڪوڪنگ آئل، سگريٽ، گئس ۽ گاڏين سميت ڪيتريون ئي شيون شامل آهن.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بجيٽ کي رد ڪندي چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته بجيٽ پارليامينٽ مان پاس نه ٿئي.

هن قومي اسيمبلي جي چئن ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ تي اسپيڪر اسد قيصر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي اسپيڪر توڙي ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد واري رٿ آڻڻ جو به اشارو ڏنو.

هوڏانهن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز نواز ردعمل ڏيندي چيو ته اها بجيٽ نه پر ملڪي نااهلن ۽ عالمي شاهوڪارن جو عوام جو رت چوسڻ جو نسخو آهي.

سندس چوڻ هو ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جو اهو ڪارو دستاويز نااهل حڪومت جو وڌيڪ هڪ ڪارو ڪارنامو آهي، اهو پاڪستان کي ڪيترائي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيندو ۽ غريب جو ساهه کڻڻ به ڏکيو ٿي ويندو.

هن چيو ته جن انسان جي گهر جي خرچن سميت ان جا ذاتي خرچ سندس ارب پتي دوستن جي ذمي هجن، ان کي پورهيت جو خاندان سميت 15 هزارن ۾ جيئرو رهڻ جو احساس ڪيئن هوندو؟

You might also like