پراسرار پيوٽن…

يوسف سيف

 

صدر پيوٽن هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جو موضوع بڻيو آهي، پر هن ڀيري هو پنهنجي گرل فرينڊ جي حوالي سان خبرن ۾ اچي ويوآهي، سندس محبوبه 36 سالن جي ايلينا ڪبائيوا تازو ئي جاڙن ٻارن کي جنم ڏنو آهي، جنهن سان گڏ صدر پيوٽن جو نالو آيو آهي، پيوٽن  1999کان وٺي عالمي سطح   اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿو، جڏهن روس جي صدر يورسن يلسن استعيفيٰ ڏئي پيوتن کي صدر  لاءِ اڳتي آندو هو، جنهن کان ٿورو پوءِ مارچ 2000ع ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾  پيوٽن ڪاميابي ماڻي، تڏهن کان ئي سندس ستارو عالمي  سطح تي چمڪي رهيو آهي، هن وچولي ڪلاس جي خاندان ۾7 آڪٽوبر 1952ع تي جنم  ورتو،پنهنجي اباڻي شهر  لينن گراڊ ۽ هاڻوڪي سينٽ پيٽرس برگ مان ئي لينن گريڊ يونيورسٽي مان  قانون  جي ڊگري ورتي هئي 1975ع ۾ هو روس جي مشهور زمانا  ڳجهي ايجنسي ڪي  جي بي ۾ رهيو، سندس وڏو عرصو جرمني ۾ گذريو، 16 سالن جي نوڪري کي الوداع ڪري هن سياست ۾ پير پاتو، استعيفيٰ  ڏيڻ وقت هو ليفٽيننٽ  ڪرنل جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو، سندس زندگيءَ  جي سمورن پهلوئن تي جاسوسي واري زماني جو عڪس ڇانيل آهي،  هو  ملڪ جي اعليٰ عهدي تي فائز  هوندي به ذاتي زندگيءَ کي گهڻو  لڪائي  رکي ٿو، پيوٽن جي پاور ۾ اچڻ کانپوءِ هن ئي  چيچنيا ۾بغاوت کي منهن  ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي هئي. 1991ع ۾ روس جي وکرڻ کانپوءِ ملڪي معيشت ڏيواليڻي جو  شڪار ٿي وئي هئي.  دنيا ۾ آمريڪا  سان ٽڪر ۾ اچڻ يا  ان جي مد مقابل نه هئڻ وارو خيال اڀريو هو، 2000 ۾ ملڪي واڳ کي  سنڀالڻ کانپوءِ پيوٽن ملڪ جي معيشت کي هٿي ڏني ۽ ٽن سالن ۾ ئي ملڪي  صورتحال ۾ وڏي تبديلي نظر اچڻ لڳي، صدر پيوٽن هن وقت روس جو مڃيل اڳواڻ، تصور ڪيو وڃي ٿو، هو زندگي  جي ڪيترن ئي ٻين شعبن سان پڻ گهري  دلچسپي رکي ٿو، جانور  پالڻ، راند کيڏڻ ۽ سئر ڪرڻ هن کي پسند  آهن، کيس شراب سان ڪا دلچسپي نه آهي پر سندس نالي جي نسبت سان ”پيوٽنڪا “   نالي شراب  جو هڪ برانڊ تيار ٿيو آهي.  هو پنهنجي يونيورسٽي جي زماني ۾جوڊو ڪراٽي جو چيپين به رهيو آهي.

گهوڙي سواري، غوطه خوري، شڪار ، هوابازي ڪار ريسنگ ۽ پيون مهم جوئي واريون  رانديون هن جون پسند واريون رانديون آهن،هو بليڪ بيلٽ به آهي، سندس مزاج مهم جُو آهي پر هو عالمي سياست جي شطرنج جي چال کان به گهڻو واقف آهي، سندس مهم جُو ئي مزاج کي ذهن ۾ رکندي ڪيتريون ئي ڪمپيوٽر گيمز به ٺاهيون ويون آهن، جن ۾ پيوٽن دهشت گردن جو  جو مقابلو ڪندي به نظر اچي ٿو ته وري ڪٿي ڪٿي جوڊو ڪراٽي جا جوهر به ڏيکاري ٿو.

نائن اليون کانپوءِ آمريڪي انتظاميا هن کان دهشتگردن خلاف جنگ ۾ مدد طلب ڪئي، جنهن ۾ هن پنهنجي شرطن تي شرڪت ڪئي. هن وقت به هو آمريڪا سان اڻ سڌي ريت ٽڪراءُ ۾ آهي.

2015ع ۾ هو 10 ڏينهن جي لاءِ منظر تان غائب هو، انهن ڏهن ڏينهن ۾ ميڊيا پيوٽن جي باري ۾ کل جهڙيون، غير حقيقي خبرون شايع ڪيون، جنهن ۾ ملڪ ۾ بغاوت، سندس تختو اونڌو ڪرڻ، هن جي زندگيءَ بابت به سوال اٿاريا ويا. پر منظر تي اچڻ بعد هن چيو، زندگيءَ بابت وڌاءَ، آڏيون ابتيون خبرون نه  هجن ته زندگيءَ مان بيزاري لڳندي آهي. پيوٽن پنهنجي زال کي 2013ع ۾ طلاق ڏئي ڇڏي هئي. کيس ٻه ڌير آهن، جن بابت چيو ٿو وڃي ته ڪنهن وٽ به گهڻي معلومات نه آهي پر پيوٽن جو هنن سان رابطو ضرور آهي.

سندس ترجمان جو چوڻ آهي ته صدر پيوٽن کي انگريزي زبان تي چڱو ڪنٽرول آهي، هو مترجمن جي غلطين تي کين ٽوڪيندو رهندو آهي. آزاد مبصرن موجب پيوٽن جيڪو ڪجهه آهي ان ۾ سندس ئي محنت شامل آهي، هن جي خاندان جي ڪا سفارشي يا ڪو ٻيو ايڊ وانٽيج نه آهي، سندس گهڻ رخي شخصيت ئي هن کي ٻين عالمي ليڊرن کان جدا مقام ڏئي ٿي.

صدر پيوٽن جي لاءِ مشهور آهي ته هو کلندو گهٽ آهي، اوهان هن کي اڪثر تصويرن ۾ سنجيده چهري سان ڏٺو هوندو پر هن وٽ زندگيءَ جا گهڻائي پاسا آهن ۽ روئڻ ۽ کلڻ هر ڪنهن کي ايندو آهي.

صدر پيوٽن جي ڪاميابي ۾ سندس هڪ استاد Anatony Sobachak  جو هٿ آهي، جيڪو روس ۾ 1991ع ۾ آيل سڌارن جو وڏو حامي هو. سندس استاد ئي هن کي صدر بورس يلسن تائين پهچايو هو، جتان پيوٽن پنهنجو سفر پاڻ شروع ڪيو. هو چوٿون ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊيو آهي، هاڻوڪي چونڊن ۾ کيس 60 سيڪڙُ کان وڌيڪ ووٽ مليا آهن. ڪجهه ذريعا چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿارين ٿا پر ان جي پٺيان سندس وڏي حريف ملڪ جي انتظاميه به سڌي ريت شامل آهي، سي آءِ اي، 2007ع ۾ پيوٽن جي اثاثن جو ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو هو ۽ هاڻي ان جو اندازو 70 ارب ڊالر ڪيو ويو آهي. ان جو مطلب ته پوءِ پيوٽن دنيا جو سڀني کان وڌيڪ امير ترين صدر آهي.

You might also like