امير سنڌ جا غريب ماڻهو

امتياز چانڊيو

ماضيءَ ۾ مکڻ، بسريون، مڇي، پلاءَ ۽ اوفراٽا کائيندڙ سنڌ جا ماڻهو وقت جي حڪمرانن جي بيرحماڻين پاليسين جي نتيجي ۾ اڄ مون بک ۽ بدحالي واري صورتحال ۾ ڏٺا، اناج جون گنديون ۽ ڀانڊا ڀري سڄو سال آسانيءَ سان پنهنجن ٻچن جو پيٽ ڀريندڙ اهي ماڻهو اڄ غربت سبب ٽي ويلا ته پري پر ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ مون ڀٽڪندي ڏٺا، بنيادي سهولتن کان محروم چهري تي مايوسي ۽ دل ۾ غريبي جو احساس هاڻ ته کين سولي ننڊ به سمهڻ نٿو ڏئي، ماضيءَ جي خوشحال ماڻهن لاءِ هن وقت ته پيرن ۾ نئين چپل خريد ڪري پائڻ به وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي، نوان ڪپڙا وٺڻ ته سندن خواب بڻجندو پيو وڃي، موجوده دور جي مهانگائي ۽ بيروزگاري ته سندن ٻچڙن کان پڙهائي جو حق به کسي ورتو آهي، مزدوري ڪندڙ ماڻهو ته پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ واري سوچ کي ئي ختم ڪري رڳو هاڻ ٻچن جو پيٽ پالڻ ۾ ڏينهن رات سوچي سوچي چريا ٿي ويا آهن.

منهنجو آچر ڏينهن ميهڙ لڳ ڳوٺ گهاڙي ۾ وڃڻ ٿيو، غربت ڏسي آئون ته دنگ رهجي ويس، اتي منهنجا پراڻا دوست ڪي هاري ته ڪي مزدور ساڻن حال احوال ٿيا ته سچ ته انهن سٽن جيان لڳو،

لوگون ڪا گم ديکها تو

مين اپنا گم ڀول گيا.

قدرت ته سنڌ جي ڌرتي کي وسيلن سان مالامال ڪيو آهي، ڪشمور کان وٺي ڪراچي تائين ۽ ٿاڻو بولاخان کان وٺي ننگرپارڪر تائين سنڌ جي ڌرتي ۾ قدر جي هر معدنيات موجود آهي، ڪوئلو، تيل، گيس، مٺو پاڻي، زرخيز زمين، لوڻ، سمنڊ ۽ قيمتي پٿرن سميت هر اها شئي جنهن جي انسانذات کي ضرورت هوندو آهي، اها سنڌ ڌرتي تي ملي ٿي، سنڌ روينيو جي مد ۾ ٽنهي صوبن کان وڌيڪ ملڪ جي خزاني ۾ جمع ڪرائي ٿي، پر حڪمرانن جي غلط پاليسين، ظالماڻن فيصلن جي نتيجي ۾ سنڌ جا ڌرتي ڌڻي جيڪي سنڌ جي وسيلن جا به مالڪ آهن، اهي پنهنجن ئي وسيلن کان محروم رهي اڄ بک ۽ بدحالي جي ورچڙهي ويلا ويهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، غربت سبب سندن جياپو ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندو پيو وڃي.

جيتوڻيڪ منهنجو ننڍپڻ ان ڳوٺ ۾ گذريو آهي، تنهن ڪري مون کي اتان جي ماڻهن جي حال کان چڱي ريت ڄاڻ هوندي هئي، مون دوستن کان پڇيو پئي ته ماڻهن جي هاڻ صورتحال ڇاهي.؟ امتياز ملاح ٻڌايو ته ڀائو حالت اڳ کان وڌيڪ تمام گهڻي خراب آهي، جن ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ اٽي ۽ چانورن جا کرار رکيل هوندا هئا، اڄ اهي روزانو جي بنياد تي هڪ کان 2 ڪلو اٽو ۽ چانور دڪانن تان خريد ڪري کائڻ تي مجبور آهن، ڀاڄي وٺڻ به ماڻهن لاءِ مشڪل ٿي ويو آهي، هاڻ ته اهي ان جون گونديون ۽ ڀانڊن وارو رواج ئي ختم ٿي ويو آهي، فصل لڳائڻ مهانگو بڻجي ويو آهي، هاري فصل لڳائڻ دوران ايترو قرض کڻن ٿا جو بٽائيءَ وقت هارين کي ڪجهه بچي ئي نٿو، ٿورڙي تعداد ۾ نوڪري پيشا ماڻهو رڳو گهر جو چلهو سولي نموني ٻاري سگهن ٿا، باقي جن جو زراعت ۽ مزدوري سان واسطو آهي، اهي ته سخت پريشان آهن، جيڪو ماڻهو 400 روپيا ڏهاڙي ڪمائي ٿو، ان جو ته گذارو مشڪل ٿي ويو آهي، صبح جو چانهن سان پاپا ٿو کائي ۽ شام جو ڪا سائي ڀاڄي وٺي ٻچن جو پيٽ ٿو ڀري.

هن وقت دادو، لاڙڪاڻو، سکر، شڪار، جيڪب آباد ۽ خيرپور سميت سڌ جي اتر وارن علائقن ۾ چانور جو فصل لڳل آهي، جڏهن فصل پوکڻ جو وقت هو ته ڪي ڪمپنيون مختلف نالن سان مارڪيٽ ۾ لهي پيون، جن هارين کي سندن ڪمپني جو ٻج لڳائڻ سان وڏي فائدي جا خواب ڏيکاريا، انهن هڪ ڪلو چانورن جو ٻج هڪ هزار روپين ۾ وڪرو پئي ڪيو، هارين اهو ٻج خريد ڪرڻ لاءِ قرض کنيو، مهانگو ڀاڻ وٺي، هر لڳائي فصل پوکيو، فائدو ته نه پيو، پر ان چوڻي جيان ته:

خبر کوڙين تي پوندي.

ها خبر تڏهن پئي جڏهن سارين نسرڻ شروع ڪيو ته ان ۾ چانور پيدا ٿيڻ بجاءِ رڳو پاپڙي جا سنگ پيدا ٿيا ۽ هارين کي مٿي تي هٿ اچي ويا، ڪمپنين هارين کي تمام گهڻو نقصان ڏنو، ايترو نقصان جنهن کي ڀرڻ هاري جي وس جي ڳالهه ناهي، ماڻهن اهڙين سارين کي ڪپي گاهه ڪري کپايو، منافعو ته پري جي ڳالهه پر هارين جيڪي قرض کنيا اهي به لهي ناهن سگهيا، نتيجي ۾ هاري سخت پريشان آهن.

هاڻ ڳالهه ڪجي ته جڏهن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي آهي، تڏهن کان مهانگي جو ديو ٻاهر نڪري آيو آهي، عام واهپي جون شيون ايتريون ته مهانگيون ڪيون ويون آهن جو هاڻ ماڻهن ۾ سگهه ناهي جو اهي خريداري ڪري سگهن. مون کي ياد آهن، اهي ڏينهن جڏهن آئون پنهنجي فيملي سميت ميهڙ لڳ ڳوٺ گهاڙي ۾ رهندو هيس، تڏهن سکي ستابي زندگي گذرندي هئي، بابا سرهو خان سارين جو واپار ڪندو هو، جڏهن شام جو ميهڙ مان سندس واپسي ٿيندي هئي ته ڀاڄين ۽ فروٽ جا ڇٻا ڀري ٽانگي تان لهندو هو، اهڙي طرح جڏهن منهنجو چاچا محمد جمن ميهڙ مان واپس ٿيندو هو ته ان لاءِ ڳوٺ جي اسٽاپ تي هڪ ماڻهو بيهاريو ويندو هو، جيڪو کيس سامان کڻائي گهر ايندو هو، پر هاڻي ته مون کي صورتحال ان کان ابتڙ نظر آئي، کيسا خالي ننڍڙي ٿيلهڙي سامان جي هٿ ۾ مايوس چهرو کڻي ماڻهو گهٽي مان پئي گذريا. ان وقت مون کي اهو احساس پئي ٿيو ته ايڏي تبديلي ۽ خوشحاليءَ وارا خواب جن حڪمرانن، عام ماڻهن کي پئي ڏيکاريا اهي ته سندن ظالماڻي پاليسين جي نتيجي ۾ چڪناچور ٿي ويا، تبديلي ۽ خوشحالي ته ناهي آئي، پر غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي، سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيل آهي، اهڙي صورتحال ۾ وقت جي حاڪمن کي پنهنجون عياشيون ڇڏي مسڪين ماڻهن جو ڀرجهلو ٿيڻ جي ضرورت آهي، ملڪ مان فوري طور تي مهانگائي جو خاتمو آڻڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجن ٻچن جو سولي نموني پيٽ گذر ڪري سگهن ۽ جن ڪمپنين هارين کي لٽيو ۽ ڦريو انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ماڻهن کي ٿيل نقصان ڀرائي ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.