غربت جي لڪير ، مسڪين ماروئڙن جي عيد  

ابوذر غفاري

دنيا ۾ مختلف قسمن جون ٿيندڙ مذهبي ريتون رسمون ڪجھ هن ريت ٿينديون آهن ته حڪومت اهڙو پلان تيار ڪندي آهي جنهن سان غريبن کي وڏو فائدو ملندو آهي ، ۽ انهن جو خاص خيال رکيو ويندو آهي ، انهن جي لٽي ڪپڙي اجهي جو ته پهريان کان ئي بندو بست ٿيل هوندو آهي ،پر وڏي ڳالھ اهيا آهي ته ان وڏي ڪنهن ڏينهن يا عام تقريب ۾ انهن کي نه وساريو ويندو آهي ، ۽ ان تقريب ۾  غريب ماڻهن جي فيمليز  سميت مدعو ڪري هڪ ويلي جي پڻ ماني کارائي ويندي آهي  ،هيٺين غريب طبقي جي مسڪين ،غريب ، لاچار ، بي بس ،مفلص، ماڻهن کي هڪ جڳھ ڳڏ ڪري انهن کي مدارت سان گڏ ، لٽا ڪپڙا ، کاڌ خوراڪ ، جو سامان مهيا پڻ ڪيو ويندو آهي ، ايتري حد تائين جو انهن مسڪينن کي ماهوار معاوضو پڻ ڏنو ويندو آهي ،علاج معالجي جي حوالي سان به موئثر قدم کنيل هوندا آهن!!!!

پر افسوس جو اسان وٽ وسائل هوندي به ڪهر لڳو پيو آهي نا انصافي ، ظلم ، جبر ، بيروزگاري جهيڙيون کٽڻ بجاء وڌي رهيون آهن ڇا اهيا سرڪار جي پاليسي آهي ها اهيا ئي رهي آهي ان تبديلي ڪڏهن اسان ڏٺي ناهي نه ئي وري کا اميد نظر آچي رهي آهي

پر اسان جي ملڪ ۾  بدقسمتي سان ڪنهن به قسم جو ڪو به اهڙو پاليسي جوڙ جڪ جو سلسلو  ناهي رکيو ويو ، جنهن جي ڪري سوين نوجوان بيروزگاري سبب زندگين جو ڏيئو وسايو ويٺا آهن ،جن تي حڪومت ڪڏهن به سنجيدگي سان ڌيان ناهي ڏنو ، مون پنهنجين آنکين سان تعليم يافتا نوجوان غريب گهراڻن سان تعلق رکندڙ ، پڪوڙن جو دڪان کوليو ويٺا آهن ، ته ڪي وري رڪشو ، يا گڏه گاڏي هلائيندي ،ته ڪي وري هوٽلن بيرا بيٺل ڏسي افسوس ۽ رت جا ڳوڙها ڳاڙي خاموش ٿي ويندا آهيون ۽ اميرن جي ٻارن جي ڀيٽ جيان غريب جي ٻار ۾ وڌيڪ صلاحيت رهي ٿي ، چاهي ڪاميابي جو رجحان يا اڳتي وڌڻ جي صلاحيت ،بنسبت امير ٻار جي پر مٿي پهچڻ تائين اسان جي سماج ۾ ياپئسو استعمال ڪيو وڃي ٿو يا طاقت ۽ تعلقات جو استعمال عام آهي .
اسان جا حڪمران ايترا ته بي حس ٿي ويا آهن جو چوڏهين جي چنڊ وانگر ظاهر ٿا ٿين ايوانن ۾ پهچڻ کان بعد ڪنهن به قسم جو جوڙ جڪ واري پاليسي نٿا جوڙي سگهن ڇاڪاڻ ته سنڌ ئي هزارها زخيرن سان مالا مال آهي ان جي باوجود به غربت جو ريشو ڏينهن و ڏينهن وڌندو پيو ٿو وڃي.گهٽتائي جو نالو نشان ئي ناهي .!!

حڪومتي نمائندن کي گهرجي ته پنهنجي تڪ جي مسڪين ماروئڙن کي گهٽ ۾ گهٽ کاڌ خوراڪ جي سلسلي کي يقيني بڻائن جئين اهن کي دعائون ملي سگهن ، سڄو سال توهان ٺٺ ٺانگر جيان زندگي گذاريو ٿا ۽ صرف هڪ عيد غريب عوام سان گڏ گذاري ڏيکاريو ڇا اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ؟؟

غريب ماڻهن جي لا۽ هڪ ٻي نئي وبائي بيماري مارڪيٽ ۾ آچي وئي آهي ته ڪجھ گروه اڄ ڪلھ سوشل ميڊيا مهم هلائي رهيا آهن ته خدارا هن جي مدد ڪيو ، خدارا ايترو خرچ آهي پئسا موڪليو وڊيو ٺاهي درديلو بيڪ آپ ۾ ميوزڪ هڻي واٽس آپ گروپن ۾ پنهنجو موبائل نمبر هيٺان مينشن ڪري رکن ٿا پوء سنڌي سٻاجهڙا ان موبائل نمبر تي ڪال ڪري همدردي سان گڏ ان کي پئسا موبي ڪيش ايزي پئسا موڪلي ڇڏين ٿا جن جو چوٿون حصو مسڪينن کي باقي ٽي حصا پاڻ کڻي پئسا هٿ ۾ جهلي فوٽو سيشن ڪرائي وري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري زبردست قسم جي ڪاروبار کي ڄمايون ويٺا آهن

ڇا اسان کي پاڻ تبديلي جي ضرورت آهي يا حڪمران ان جا زميوار آهن . يا اسان جو سماج هن بلاگ ۾ ڪمٽس ۾ پنهنجا رايا ضرور ڏيندا

You might also like