ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ پوليو وائرس جي انتهائي درجي تائين موجودگي جو انڪشاف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ پوليو وائرس جي موجودگي انتهائي درجي تائين وڌڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ پهرين ڀيرو شهر جي 10 کان وڌيڪ هنڌن جي محولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.

پوليو ٽوڙ سيل طرفان جاري ڪيل ماحولياتي نمونن جي سروي شهر جي ڏهه کان وڌيڪ هنڌن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس سامهون اچڻ جي تصديق به ڪئي آهي.

رپورٽن موجب شهر جي جن علائقن ۾ وائلڊ پوليو وائرس ٽائپ ون سامهون آيو آهي انهن ۾ صدر، گڏاپ، گلشن اقبال، ڪورنگي، لانڍي، بلديا، لياقت آباد، سائيٽ ايريا، اورنگي ۽ ٻيا علائقا شامل آهن.

گذريل ٻن مهينن ۾ سڀ کان وڌيڪ گڏاپ جي مختلف هنڌن تان 6، گلشن اقبال مان 4، صدر، لانڍي ۽ اورنگي جي ٻن، ٻن هنڌن جڏهن ته بلديا، ڪورنگي، لياقت آباد ۽ سائيٽ ايريا جي علائقي جس سيوريج جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ايمرجنسي آپريشن سيل جي ترجمان موجب شهر ۾ هلندڙ سال ٻه پوليو ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

ياد رهي ته سمورا علائقن مان وائلڊ پوليو وائرس ٽائپ ون سامهون آيو آهي جيڪو پاڪستاني ٻارن جون حياتيون متاثر ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي.

You might also like