نوشهره ۾ پوليس آپريشن،2 دهشتگرد مارجي ويا، 2 اهلڪار شهيد

نوشهره ( ويب ڊيسڪ ) پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلي جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. ڊي پي او منصور امان موجب نوشهره جي مختلف علائقن مروبا، گاڙو ۽ قمر ميلا ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. ڊي پي او موجب دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ ايس ايڇ او سميت چار جوان به زخمي ٿي پيا. ڊي پي او  موجب مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ مطهر شاهه ۽ امجد جي نالي سان ٿي آهي، ٻئي دهشتگرد 25 جون تي ڊي ايس پي ۽ پوليس موبائيل تي حملي ۾ ملوث هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.