پوليس رانا ثناءُالله جي ناٺي کي گرفتار ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پوليس رانا ثناءُالله جي ناٺي کي عدالت ٻاهران گرفتار ڪري ورتو.

منشيات سمگلنگ ڪيس ۾ رانا ثناءُالله کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي رانا ثناءُالله جو ناٺي شهريار به هن سان ملڻ آيو ته پوليس شهريارکي به  عدالت ٻاهران گرفتار ڪيو ۽ سخت سيڪيورٽي ۾ وٺي روانو ٿي وئي.

پوليس ذريعن موجب رانا ثناءٌالله جي ناٺي شهريار خلاف فيصل آباد ۾ ڪيس داخل آهي ان ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.