وزيراعظم عمران خان جو آمريڪا جو دورو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو: زلفي بخاري

 واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي خاص مددگار زلفي بخاري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو آمريڪا جو دورو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، هو 21 جولائي تي آمريڪا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندو.

آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير اسد مجيد،  زلفي بخاري ۽ علي جهانگير صديقي جي اعزاز ۾ رات جي مني رکي، ان موقعي تي زلفي بخاري جو چوڻ هو ته عمران خان جو آمريڪا جو دورو اهم ثابت ٿيندو.

هن چيو ته پاڪستان ترقي ڏانهن وڌي چڪو آهي، عمران خان پاڪستان کي ڪرپشن فري معاشرو بڻائڻ چاهي ٿو، تحريڪ انصاف جا وزير تمام گهڻي محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته گذريل 10 ورهين ۾ ادارن کي تباهه ڪيو ويو، وزيرن جي سطح کان سيڪشن آفيسر تائين سڀني کي ڪرپٽ ڪيو ويو، پاڪستان ۾ اڄڪلهه هر ڪو معيشت جو ماهر بڻيل آهي.

ذلفي بخاري چيو ته عوام سياسي مافيا جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين.

وزيراعظم جي خاص مددگار جو وڌيڪ چوڻ هو ته پرڏيهي سيڙيپڪاري لاءِ ماحول سازگار بڻائي رهيا آهيون، گذريل 5 سالن ۾ ڪنهن وزيراعظم بورڊ آف ريونيو جي اجلاس ۾ شرڪت ناهي ڪئي.

You might also like