وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي رهيو آهي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ انڪوائري ڪميشن قائم ڪرڻ، تازين گرفتارين ۽ بجيٽ اجلاس جي معاملي تي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا جي 15 نقاطي ايجنڊا به جاري ڪئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا موجب ڪابينا کي احساس پروگرام ۽ ويزا اين او سي لبرلائيزيشن پاليسي تي بريفنگ ڏني ويندي. اثاثا اسڪيم ۾ هن وقت تائين اڳڀرائي، پاڪ ايران ميري ٽائيم سرچ اينڊ ريسڪيو معاهدي جي منظوري ڪابينا جي اينڊا ۾ شامل آهي. ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي تصديق ٿيل چوري جي ڪيسن تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني ويندي. نسٽ ۽ ميڪسيڪو يونيورسٽي ۾ سهڪار جي معاهدي تي صحيح جي منظوري کانسوا3 پاڪستان انڊسٽريل ٽيڪنيڪل اسسٽننس سينٽر ۽ چيني يونيورسٽي جيانگ سو ۾ معاهدي جي منظوري ڏني ويندي.  وفاقي ڪابينا مختلف ملڪن سان دير جو شڪار معاهدن جي منظوري ڏيندي ۽ هن وقت تائين اجلاسن جي فيصلن تي عملدرآمد تي بريفنگ ڏني ويندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.