سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳندو يا نه ….؟ وزير اعظم واضح ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته بزنس ڪميونٽي سان گڏجي ملڪ کي مٿي کڻي وينداسين، هي مون کان اين آر او جا ٽي لفظ ٻڌڻ چاهن ٿا.

اهڙن خيالن جو اظها هن ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزير اعظم چيو ته هڪ سال ۾ جيترو ٽيڪس گڏ ٿيو ان جو اڌ قرضن جي وياج تي ادا ڪيو.

وزير اعظم چيو ته جيستائين ملڪ پنهنجي پاڻ کي تبديل نٿو ڪري، اسان قرضن ۾ ٻڏندا وينداسين، دنيا ۾ صنعتون وڌي رهيون آهن پر هتي پوئتي وڃي رهيون آهن، صنعتڪارن سان ملاقات جو مقصد هو ته انڊسٽريلائزيشن کي اڳتي وڌايو وڃي، سيڙپڪاري جي لاءِ مختلف ملڪن سان ايم او يو ڪيا آهن.

هن چيو ته ماهوار خسارو 2 ارب ڊالرن کان گهٽ ٿي هڪ ارب ڊالر تي اچي ويو آهي، آمريڪا وڃي رهيون آهيان پاڪستاني سفارتخاني ۾ رهندس، حڪومتي خرچ گهٽ ڪري رهيو آهيان.

وزير اعظم چيو ته ملڪ ۾ 10 کان 12 ارب ڊالر جي مني لانڊرنگ ٿي رهي آهي، چوري، ڪرپشن، مني لانڊرنگ تي سزا نه ڏينداسين، ته ملڪ جو ڪو به مستقبل نه هوندو چين پنج سالن ۾ هزارين ماڻهن کي ڪرپشن تي جيلن ۾ وڌو، جيڪڏهن ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب نه ڪنداسين ته هي ملڪ کي اڳتي وڌڻ نه ڏينداسين، پهرين ڏينهن کان هي سڀ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، افراتفري مچائي رکي آهي، هي مون کان اين آر او جا لفظ ٻڌڻ چاهن ٿا.

ماضي ۾ جيڪو اين آر او ڏنو ويو، ان سان ملڪ تباهه ٿيو، جيڪي چون ٿا ته حڪومت  ڪيرائي ڇڏيو اُهي ماڻهو اين آر او چاهن ٿا انهن جي ڪرپشن جي ڪري اڄ حالتون ڏکيون آهن، عوام ڏکيائي ۾ آهي، شبر زيدي ۽ مون ذميواري کنئي آهي ايف بي آر کي ٺيڪ ڪنداسين، ساڍا 5 هزار ارب رپيا ٽيڪس جو هدف گڏجي پورو ڪنداسين، ٽيڪس نه ملڻ ۽ نوٽ ڇاپڻا پيا ته ملڪ هائپر انفليشن جو شڪار ٿي ويندو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي ڪنهن ڳالهه ناهي ڪئي ۽ نه ئي ائين ٿيندو، آصف زرداري صدر طور دبئي جا 40 دورا ڪيا، هو ڇا ڪرڻ ويندو هو؟ نواز شريف لنڊن جا 20 خانگي دورا ڪيا ڇو ته هن جا محل ٻاهر آهن.

پهرين ڏينهن کان هي سڀ گڏ آهن ته حڪومت ڪيرايو حالانڪ زرداري ۽ نواز شريف پاڻ هڪ ٻئي تي ڪيس بڻايا.

وزير اعظم چيو ته 60 سالن ۾ ملڪ تي 6 هزار ارب رپيا قرض هو، انهن ماڻهن 10 سالن ۾ قرض 30 هزار ارب رپين تائين پهچائي ڇڏيو،  اڄ انهن کي خوف آهي، هي جمهوريت کي بچائڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آحن، هن قوم کي ڦريو ويو، هي حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان ملڪي سياست جو 12 هون رانديگر آهي، جن ملڪن ۾ غربت وڌيڪ آهي اُتي به زرداري ۽ نواز شريف جهڙا ويٺا آهن، حديبيه پيپر مل ڪيس ۾ پيسا مني لانڊرنگ جي ذريعي ٻاهر موڪليا ويا پوءِ اُتان ٽي ٽي سان واپس آيا.

هن چيو ته دوست ملڪن اسان کي ريڪارڊ پيڪيج ڏنا آهن، دوست ملڪ پيڪيج نه ڏيڻ ها ته اسان جو ڏيوالو نڪري چڪو هجي ها، مون کي چيو پيو وڃي ته ملڪ ڦريندڙن کي ڇڏي اڳتي وڌو، ائين نٿو ٿي سگهي ڇو ته اِهو ملڪ سان غداري جي برابر آهي.

You might also like