وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڪراچي پهچندو…

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي معاشي ٽيم سان گڏ سڀاڻي ڪراچي پهچندو.

وزيراعظم جي ڪراچي جي دوري بابت ٽوئيٽ ڪندي عمران اسماعيل ٻڌايو ته عمران خان سڀاڻي ڪراچي پهچندو ۽ معاشي ٽيم به ساڻس گڏ هوندي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم بزنس ڪميونٽي کي خطاب ڪندو ۽ انهن جا مسئلا ٻڌندو، ان ڏس ۾ هڪ روڊ ميپ جي تياري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو واپاري حب ۽ وڏي اهميت رکندڙ شهر آهي، حڪومت معاشي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي.

You might also like