عمران خان ۽ مودي هٿ ملايو ۽ ڳالهيون ڪيون…..

بشڪڪ(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان ۽ نريندر مودي هڪ ٻئي سان هٿ ملايو ۽ ٻنهي وزير اعظمن ۾ مختصر ڳالهه ٻولهه به ٿي.

تفصيل موجب ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستاني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ ڀارت وزير اعظمن ڀارتي چونڊن بابت ڳالهيون ڪيون، جڏهن ته عمران خان ۽ نريندر مودي ۾ ڳالهه ٻولهه اجلاس دوران ٿي.

شاهه محمود قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دنيا ۾ مختلف تبديليون ٿي رهيون آهن پر بدقسمتي سان غير يقين واري صورتحال ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ان پس منظر ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جو اِهو فورم امن ۽ استحڪام جي ڳالهه ڪندو آهي، فورم تي علائقائي رابطن جي هٿي تي ڳالهيون ٿينديون آهن.

هن چيو ته ڪرغزستان ۾ 2600 پاڪستاني شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ايس سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي پاڪستان 3 معاهدا به ڪيا آهن.

پرڏيهي وزير ٻڌايو ته وزير اعظم جي بيلا روس جي صدر سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي هٿي تي خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيو ٿيون.

You might also like