ڪاروباري برداري ڀائيوار بڻجي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري: وزيراعظم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان پنهنجي معاشي ٽيم سان گڏ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو آهي.

وفاقي وزير علي زيدي، حماد اظهر، فيصل واوڊا سميت واپاري بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ ايف بي آر چيئرمين شبر زيد به وزيراعظم سان گڏ ڪراچي آيا آهن.

وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس ۾ واپارين ۽ آٽو موٽوو سيڪٽر جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ سراج قاسم تيلي، جنيد اسماعيل مڪده، زبير موتي والا ۽ ٻيا به موجود هئا جڏهن ته حڪومت ٽيم مان گورنر سندس عمران اسماعيل ، بورڊ آف انويسٽمنٽ جو چيئرمين سيد زبير حيدرگيلاني، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، سڌارن بابت صلاحڪار عشرت حسين، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي، واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير حماد اظهر، سامونڊي معاملن بابت وزير علي زيدي ۽ آبي وسلين وارو وزير فيصل واوڊا به موجود هو .

ملاقات ۾ وفدن طرفان ٽيڪس نظام ۾ سڌارن، مهانگائي تي ظابطو، اسمگلنگ جي روڪٿام، ڪاروبار ۾ سولائي، سيڙپڪاري کي هٿي، روزگار جا موقعا وڌائڻ جي حوالي سان به تجويزون پيش ڪيون ويون.

ان موقعي تي واپارين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته منهنجي اچڻ جو مقصد اهو ئي اهي ته اوهان مسئلا حل ڪريان، منهنجي سڄي ٽيم هتي موجود آهي ته جيئن مسئلن جو فوري حل ڪڍيو وڃي، اسان جي پهرين ترجيح غربت جو خاتمو ۽ معاشي عمل کي تيز ڪرڻ آهي جنهن ۾ توهان جي مدد گهرجي.

عمران خان چيو ته ڪاروباري برداري ڀائيواري بڻجي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري.

You might also like