پايل جو پرڻو ڪرڻ بابت وڊيو بيان، تحفظ جي گهر، هندو نارين جي اغوا خلاف احتجاج

حيدرآباد/ٺٽو/ٿاڻو بولا خان ( نمائندا ) پايل جو پرڻو ڪرڻ بابت وڊيو بيان، تحفظ جي گهر، هندو نارين جي اغوا خلاف احتجاج، تفصيل موجب مڪلي ٿاڻي جي حد مان 5 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل ناري پايل ديوي مسلمان ٿي نوجوان ڪامران سومرو سان پرڻو ڪري ورتو آهي، سندس نئون نالو نور فاطمه رکيو ويو آهي. جاري ڪيل وڊيو بيان ۾پايل عرف فاطمه جو چوڻ آهي ته ڪامران سان رضا خوشي سان شادي ڪئي آهي، مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو. ناري ۽ نوجوان اعليٰ اختيارين کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن سنڌ ۾هندو نياڻين کي مبينا طور اغوا ڪري زبردستي شاديون ڪرائڻ خلاف ۽ امن جي لاءِ حيدرآباد ۾ هزارين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. وائيس آف ڪوهستان ۽ وائيس آف سنڌ سول سوسائٽي پاران ڪالهه گل سينٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، حيدرآباد جي مختلف علائقن کان ٿيندي حيدرآباد پريس ڪلب پهتي، جتي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي ريلي ۾ هندو برادري جي ماڻهن ۽ عورتن سميت قومپرست اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ساڃاهه وندن شرڪت ڪئي، جن سنڌ ۾ هندو نياڻين کي اغوا ڪرڻ بعد زوري مذهب تبديل ڪرائي شاديون ڪرائڻ وارن واقعن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي کيئلداس ڪوهستاني، پنهل ساريو، ايم پرڪاش، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڊاڪٽر ڪلديپ، ڊاڪٽر بختاور ڄام، رميش گپتا، صنم چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ مارچ، اپريل مئي ۽ جون ۾ هڪ ٻئي جي پٺيان هندو نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي اغوا ڪري سندن مذهب تبديل ڪرائي شاديون ڪرايون ويون آهن، انهن نياڻين جو انگ 50 کان وڌيڪ آهي، ان ڪري اڄ هزارين ماڻهو حيدرآباد جي روڊن تي نڪتل آهن، تازو ٺٽي مان پائل ڪماري کي اغوا ڪري سندس مذهب تبديل ڪري شادي ڪرائي وئي آهي، آخر اهو سلسلو ڪيترن ڏينهن تائين جاري رهندو هڪ ڏينهن انسان مجبور تي روڊن تي به نڪرندو.هن چيو ته جيڪڏهن اهو سلسلو بند نه ٿيو ته ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ سان گڏ اسان احتجاج جي لاءِ اسلام آباد جو رخ ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۽ قانون موجب هندو نياڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻي طرف ٿاڻي بولا خان ۾ ڊاڪٽر سرو مل ڏناڻي، ڊاڪٽر ليلارام نائواڻي، پون ڪمار سامناڻي، گرداري لال سامناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

You might also like