رپورٽ: پٿوري ۽ ٽنڊي جان محمد ۾ آصف زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج، ريليون

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: پٿوري ۽ ٽنڊي جان محمد ۾ آصف زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج، ريليون
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: پٿوري ۽ ٽنڊي جان محمد ۾ آصف زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج، ريليون

سنڌ جي ٻين شهرن جيان پٿوري ۽ ٽنڊي جان محمد ۾ به  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف ٽئين ڏينهن بھ احتجاجي مظاهرو ڪري ريليون ڪڍيون ويون.

پٿوري ۾ عاشق حسين ڇوري،  حاجي احمد علي آريسر  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيپلز  پارٽي جي سوين ڪارڪنن ۽  عهديدارن   ٽائون ڪاميٽي  چوڪ کان  پٿورو   پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو.

ٽنڊي جان محمد ۾  چيئرمين مير خدا بخش عرف مير جاني ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پ پ ليڊيز ونگ جي عورت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي  آصف علي زرداري جي حق ۾ زوردار نعرا هنيا.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ  وفاقي حڪومت سدائين  پيپلز پارٽي سان ظلم ۽ زيادتيون ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن.

هنن چيو تھ پيپلزپارٽي هميشھ قربانيون ڏنيون آهن ، کين جيلن جو ڪوبھ ڊپ ناهي، هو رت جي آخري ڦري تائين پيپلزپارٽي سان گڏ هوندا ۽ جدوجهد جاري رکندا.

اڳواڻن چيو تھ  اڳوڻي صدر ۽ پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي گرفتاري مذمت جوڳو عمل آهي جڏهن ته هو ڪيسن کان فراريت اختيار ڪرڻ بجاءِ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو هو.

هنن مطالبو ڪيو ته آصف علي زرداريءَ خلاف داخل ڪيل ڪوڙا ريفرنسز واپس وٺي کيس هڪدم آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو اسلام آباد تائين وسيع ڪيو ويندو…..

You might also like