هاءِ ڪورٽ طرفان قرباني جا جانور کڻي وڃڻ تي پابندي لاڳو…..!

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ قرباني جا جانور افغانستان غير قانوني طريقي سان کڻي وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي ۽ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت سميت پوليس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

تفصيل موجب پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ قرباني جي جانور جي غير قانوني ايڪسپورٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي جسٽس ابراهيم ۽ جسٽس عبدالشڪور ڪئي.

 ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سڪندر شاهه به عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران وڪيل ياسر خٽڪ عدالت کي ٻڌايو ته مال جي مصنوعي پيدا ڪئي پئي وڇي ۽ وڏا جانور افغانستان وڃي رهيا آهن جيئن ماڻهو قرباني نه ڪري سگهن.

ان موقعي تي جسٽس ابراهيم ريمارڪس ڏنا ته جهڙيون حالتون آهن عيد تي وڏا مرغا حلال ڪيو.

پٽيشنر ڪيس ۾ پرنٽ جي ذريعي جانورن جي افغانستان کڻي وڃڻ تي پابندي لڳائڻ جي اپيل ڪئي، دليل ٻڌڻ کان پوءِ عادلت جانورن جي افغانستان غير قانوني واپار تي مڪمل پابندي لاڳو ڪندي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت سميت پوليس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

ياد رهي ته درخواستگذار اشفاق جليل عيدالاضحيٰ تي قرباني جي جانور جي غير قانوني ايڪسپورٽ خلاف عدالت سان رابطو ڪيو هو.

You might also like