گاجي شاهه درگاهه مسئلن ورچڙهي وئي.!!

خالد شاهاڻي

جيتوڻيڪ سنڌ سونهاري سڏجندي ئي صوفين جي سرزمين جي نالي سان آهي، انهن صوفين ۽ اوليائن جون درگاهون ۽ خانقاهون انساني محبت، ڀائيچاري ۽ امن جو درس ڏينديون آهن، سنڌ ڌرتي جي سونهاري سرزمين اهڙن صوفين ۽ بزرگن جي مزارن سان ڀري پئي آهي، انهن صوفين ۽ اوليائن منهنجان سنڌ جي سرزمين جي ڪاڇي واري ڪنڌي ۾ ابدي آرام ڪندڙ حضرت گاجي شاهه گنج بخش به هڪ آهي، پير گاجي شاهه جي مزار دادو ضلعي جي تعلقي جوهي ۾ آهي، گاجي شاهه ذات جو ته کوسو ٻڌايو ٿو وڃي، پر مرشد ڀٽائي جي چواڻي:

راڻي وٽان رات نئون نياپو آئيو،

لڌي سين لطيف چئي ڪنان ڏاتر ڏات،

ڪونه پڇي ٿي ذات جيڪي آئيا سي اگهي ويا.

سو مرشد گاجي شاهه پڻ پنهنجي راڻي کي ريجهائي هڪ امر موتي بڻجي ويو، جنهن جي ڪري سندس مزار اڄ به روزاني سوين عشاقن جي دردن ۽ دکڙن جي دوا بڻيل آهي، سوين عاشق پنهنجي عشق جي اڃ اجهائڻ ۽ گاجي شاهه کان فيض پرائڻ لاءِ سندس درگاهه جي حاضري ڀريندا آهن، ماڻهن جي عقيدي موجب گاجي شاهه جنن جي بادشاهه طور پڻ مشهور آهي، ان جو سبب ماڻهن پاران اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته جنهن به ماڻهو کي جن ٿيندو آهي ته ان کي هر سال مرشد گاجي شاهه جي مزار تي وٺي وڃبو آهي، جتي هو گاجي شاهه جي سازن ۽ سرندن تي موج ڪري خوش ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ وري هر سال گاجي شاهه تي آڻڻ جو واعدو وٺي ان ماڻهو کي جن ڇڏي ويندو آهي، مرشد گاجي شاهه جو ميلو به هر سال ڌام ڌوم سان لڳندو آهي، جنهن ۾ لکين مريد ۽ عقيدتمند شريڪ ٿيندا آهن، درگاهه تي مريدن کي سائين جي ٽائيم کان شروع ٿيل روٽ پڻ ملندا آهن،  مگر افسوس جو اهڙي صوفي جي مزار اڄ تائين مسئلن جو ڳڙهه بڻيل آهي. 

رگاهه پير گاجي شاهه کي ثقافت کاتي ۾ اچڻ باوجود به سهولتون نه ملي سگهيون آهن. درگاهه پير گاجي شاهه مسئلن جو ڳڙهه بڻجي ويو، درگاهه تي پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائي ۽ ٻين سهولتن جو فقدان آهي، جنهن ڪري درگاهه تي روزانه ايندڙ سوين عقيدتمند ۽ مريد انتهائي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، سهولتون نه هجڻ سبب زائرين پريشان ٿي وڃن ٿا، پير گاجي شاهه جي درگاهه تي سهولتن جي اڻاٺ، سهولتون نه هجڻ سبب ماڻهن کي انتهائي ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، زائرين ۽ عقيدتمندن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت به نه هجڻ سبب زائرين پاڻي به پيسن عيوض خريد ڪن ٿا، درگاهه تي اوقاف کاتي پاران  مقرر ڪيل  صفائي ڪرڻ وارو عملو ۽ ٻيو اسٽاف پڻ غائب آهي، صفائي عملو گهر ويٺي پگهارون کڻي ٿو، درگاهه تان صفائي عملو غائب هجڻ سبب درگاهه تي گندگي جا ڍير نظر اچن ٿا، گندگي جا ڍير هجڻ سبب زائرين بدبوءِ کي منهن ڏئي رهيا آهن، درگاهه تي لڳايل سي سي ٽي وي ڪيميرائون پڻ ناڪاره بڻجي ويون آهن، درگاهه لاءِ آيل 12 سولر پليٽن مان به اڌ کان وڌيڪ پليٽون غائب هجڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي، اوقاف کاتي درگاهه لاءِ آيل سولر پليٽن کي به نه بخشيو، درگاهه تي مقرر اوقاف ملازم ٻنهي هٿن سان زائرين کي لٽڻ ۽ ڦرڻ لڳا آهن.  درگاهه تي ايندڙ مريدن کي اتي مقرر عملو نذرانا درگاهه تي رکيل پيتي ۾ وجهڻ کان منع ڪندو رهي ٿو ۽ نذراني جا پيسا پنهنجي کيسي تائين پهچائڻ لاءِ درگاهه تي ڊيوٽي ڪندڙ اوقاف ملازمن پنهنجو الڳ ننڍڙو پينگهو رکي ڇڏيو، درگاهه تي ايندڙ زائرين کان نذراني جا پيسا زبردستي ان پينگهي ۾ رکرايا ٿا وڃن، درگاهه پير گاجي شاهه ڏي ويندڙ ڇني کان گاجي شاهه لنڪ روڊ جو ڪم پڻ ورهين کان رولهڙي جو شڪار بڻيل آهي، درگاهه جي روڊ جي بحاليءَ لاءِ ضلعي انتظاميا توڙي سنڌ سرڪار ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن، درگاهه پير گاجي شاهه جي واٽر سپلاءِ اسڪيم پڻ ورهين کان ناڪاره هجڻ سبب درگاهه تي رهندڙ ڳوٺاڻا توڙي درگاهه تي ايندڙ زائرين پاڻي جي ڍڪ لاءِ ترسڻ لڳا آهن.

درگاهه کي اوقاف کاتي ڪي به سهولتون نه ڏيون آهن، توڙي جو اوقاف کاتي کي هن درگاهه تان نظرياني جي وڏي رقم حاصل ٿئي ٿي، درگاهه تي زائرين لاءِ ٺهرايل واش روم پڻ پاڻي ۽ صفائي نه هجڻ سبب غير فنڪشنل بڻيل آهن، واش روم غير فنڪشنل هجڻ سبب درگاهه تي ايندڙ عورت زائرين لاءِ انتهائي ڏکيائي پيش اچڻ لڳي آهي، درگاهه تي سيڪيورٽي لاءِ لڳايل واڪ ٿرو گيٽ پڻ ورهين کان ناڪاره هجڻ سبب محض شو پيس جو ڪم ڏئي رهيو آهي.  

اسان جي نيب، سيشن جج دادو ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي اپيل آهي ته درگاهه تي اوقاف کاتي جي ملازمن پاران ٿيندڙ بدعنواني کي ٻنجو ڏياريو وڃي ۽ درگاهه تي ايندڙ زائرين کي سهولتون ڏياري سندن پريشانيون ختم ڪرايون وڃن، درگاهه تي مقرر گهوسٽ ملازمن جي خلاف جاچ ڪرائي کين ڊيوٽيون ڪرڻ جو پابند بنايو وڃي، ائين ڪرڻ سان ئي درگاهه گاجي شاهه جا مسئلا حل ٿي سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.