ٽانڪ مان انڪم ٽيڪس اسسٽنٽ ڪمشنر سميت 4 ڄڻا اغوا

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) ٽانڪ ڀرسان مرتضيٰ ڳوٺ مان اسسٽنٽ ڪليڪٽر انڪم ٽيڪس سميت 4 ڄڻن کي اغوا ٿي ويا.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪليڪٽر رياض خان پنهنجي ماءُ جي لاڏاڻي تي پشاور کان مرتضيٰ ڳوٺ آيو هو، جتي کيس ٻين سان گڏ اغوا ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته رياض خان سان گڏ اغوا ڪيل ٻيا مغوي به سرڪاري اهلڪار آهن، سڀني کي گذريل رات مين روڊ تان اغوا ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like