بادلن جي بيوفائي، ماروئڙن جون اکيون اُڀ ۾

غازي بجير

سنڌ جو وارياسي صحراءِ ٿر جيڪو مسلسل پنجن ورهين کان قهري ڏُڪارن جي ورچڙهيل آهي، ٿر تي گذريل عرصي دوران گهربل برسات نه پوڻ ڪري ڪارا ڏُڪار ڪڙڪيا آهن، جنهن بعد حالتون انتهائي سنگين ٿي ويون، ماروئڙن جي مصيبن ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي، هاڻ ته صورتحال انتهائي ڀيانڪ ٿيندي پئي وڃي، ٿرپارڪر جي ستن ئي تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏاهلي، ڏيپلو، ڪلوئي ۽ ننگرپاڪر جي سمورن ڳوٺن توڙي شهرن ۾ رهندڙ 16 لک انساني آبادي جو جياپو مسلسل ڏڪارن سبب هاڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، هن سال به وسڪاري جا سٺا امڪان نظر نٿا اچن، اڳ ۾ 15 مئي کان آڳاٽين برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو هو، جيڪو وسڪارو سٺو ثابت ٿيندو هو، مئي واري مهيني ۾ نه ته پوءِ جون جي پهرين هفتن ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو هو، پر هن سال مئي جا پندرنهن ڏينهن ۽ جون مهيني جا 10 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر ٿر ۾ ڪٿي به برسات اچڻ ۽ بادل ٺهڻ جا آثار نظر نٿا اچن، هن وقت تائين آسمان مڪمل طور تي صاف نظر آچي رهيو آهي، ڪٿي پري پري کان به ڪو ڪڪر ٺهندو نظرئي نٿو اچي، هن سال به بادل به بيوفا ٿي ويا آهن.

بادلن جي بيوفائي ڪري تيز گرمي ماروئڙن جا لاهه ڪڍي ڇڏيو آهي، سڄي ملڪ مان وڌ کان وڌ گرمي هن ڏُڪاريل ڏيهه ۾ رڪارڊ ٿي رهي آهي، ٿر ۾ 47 کان 48 سينٽي ڊگري گرمي ٿرين جو ساهه سُڪائي ڇڏيو آهي، ماڻهو پنهنجي پگهر ۾ ٻُڏي ويا آهن، هو بيحال ٿي ويا آهن، سخت آڙاهه ڪاڙهي ۽ گرمين سبب زندگي جو سمورو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آهي، مارڪيٽون ويران ٿي ويون آهن، پورهيت طبقو بيروزگار ٿي ويو آهي، ڪٿي به مارڪيٽن ۾ ڪا رش نظر نٿي اچي، جنهن ڪري ٿري ماروئڙن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، بادلن جي رُسي وڃڻ بعد پاڻي ڍُڪ لاءِ پياسن ٿرين جون نظرون اُڀ ۾ کُتل آهن، جيڪو روز برسات لاءِ رب کان دعائون گهرندي نظر اچن ٿا، برساتن بنا ڏينهن گذرندي ڏسي مارو مايوس ٿي ويا آهن ۽ چهرن تي مايوسين جا بادل ڇانيل آهن.

ٿر جي 16 لک انسانن سميت 80 لک چوپائي مال جو جياپو مشڪل بڻيل آهي، انسان جتي مشڪلاتن ۾ آهن، اتي جانور، پکي، جهنگلي جيوت ۽ مور پکي به تڙپي رهيا آهن، انسان، جانور ۽ پکي برسات لاءِ پُڪاري رهيا آهن، پياسي ٿر کي برساتن جي انتهائي سخت ضرورت آهي، انهيءَ سان گڏ چوپائي مال جو چارو مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي، چوپايو مال بک ۽ اڃ وگهي مري رهيو آهي، پنجن ورهين کان ڏُڪارن جو اثر، ٿر جا سوين کوهه سڪي ٺوٺ ٿي ويا، جر مڪمل طور تي سڪي هيٺ هليو ويو، جنهن سبب کوهه سڪي وڃڻ سان گڏ پاڻي کارو ٿي ويو آهي، ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي، مارو ماڻهو پاڻي ڍُڪ لاءِ تڙپي رهيا آهن، موتمار گرمي باوجود غريب گهراڻن جون عورتون دلا مٿي تي کڻي ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پاڻي جي تلاش ۾ ڀٽڪندي نظر اچن ٿيون.

منهنجي هڪ ٿري جهوني شخص سان ڪچهري پئي ٿي، چاچي عبدالله چوهاڻ ٻڌايو ته اڳ ۾ برساتون هن وقت کان اڳ ۾ پونديون هيون، جون واري مهيني ۾ اسان جون ٻنيون پوکيل هونديون هيون، اسين ليڏاڻ يعني فصلن مان گڏ ڪڍيندا هئاسين پر هاڻي مسلسل چئن پنجن سالن کان برساتون هڪ ته پون ئي نه ٿيون، پر جي پون ٿيون ته پاڇاٽيون پون ٿيون، جنهن سبب اهي برساتون ڪم جون نه ٿيون رهن، هن سال جون مهينو گذرندو پيو وڃي، پر برسات ناهي پئي، اڃا تائين ڪٿان آسرو نٿو لڳي، اسين اڳ ۾ هڪ هڪ مهينو موسم ڏسي اڳڪٿيون ڪندا هئاسين، ٻڪراڙ کنوڻ ڏسي تاڙي ۽ مور پکين جي تنوار ٻڌي ٻڌائيندا هئاسين ته هاڻي ايترن ڏينهن ۾ برسات پوندي، پر هن وقت ڪجھ ڏسڻ ۾ نٿو اچي ته اڳڪٿيون ڪٿان ڪيون.

ٿر ۾ صورتحال خراب آهي. دعا آهي ته جلد برساتون پون نه ته ڏڪاري ته مقدر ۾ ئي لکيل آهي. ٿر ۾ مسلسل پنجن سالن دوران سٺيون برساتون نه پوڻ ڪري فصل سٺا نه ٿيا هئا جنهن سبب هن وقت ٿر ۾ ٿري ٻج مڪمل طور کٽي ويو آهي، جنهن سبب هاري سخت پريشان آهن، مورن جا ٽهوڪا تاڙي پکي جي تنوار ۽ ٻڪراڙ کنوڻ برسات اچڻ جون اهم نشانيون آهن، اهي نشانيون هن سال ڏسڻ ۾ اڃان تائين نه ٿيون اچن، موسميات کاتو مشينري ذريعي برسات پوڻ جون اڳڪٿيون ڪندو آهي پر ٿر واسي موسم کي ڏسي اڳڪٿيون ڪندا آهن، موسميات کاتي جون اڳڪٿيون غلط به ثابت ٿينديون آهن پر ٿري نشانيون ڏسي اڳڪٿي ڪندا آهن، اها ڪامياب ويندي آهي، پر هن وقت اهي نشانيون گهٽ آهن، ڇو ته مورن ۾ بيمارين سبب هزارين مور مري چڪا آهن، جنهن سبب مورن جا ٽهوڪا بند ٿي ويا آهن، تاڙو پکي به گم آهي ۽ ٻڪراڙ کنوڻ به نه پئي ٿئي، انهيءَ سان ماڪوڙيون پنهنجن ٻچن کي منهن ۾ وجهي کڻي ٻرن ۾ وڃڻ،  ڍڳين تي گند چڙهڻ سميت ڍڳيون اتر طرف رخ ڪري بيهڻ، پکين جو واريءَ ۾ پکيڙيون هڻي وهنجڻ ۽ ڏيڏرن جا رات وقت ٽان ٽان ڪرڻ به برسات اچڻ جون اهم نشانيون مشهور آهن، پر ٿرين برسات جي اڳڪٿي ڪا ناهي ڪئي، هاڻي اهي نشانيون موڪلائي ويون آهن، ٿر هن وقت ڀيانڪ منظر پيش ڪري رهيو آهي، جنهن سبب هر پاسي واري مٽي اڏامندي نظر اچي رهي آهي.

ٿر واسين جون نظرون هن وقت آسمان ۾ کتل آهن، ڏڪار سٽيل ڏيهه جي رهواسين کي اوسيئڙو آهي ته من قدرت مٿن مهربان ٿئي ۽ رسي ويل بادل ٿر مٿان لڙي اچن ۽ ٿري به ڪو سک جو ساهه کڻي سگهن.