پلاسٽڪ انسان کي کائڻ شروع ڪري ڇڏيو…!

 

اوتاوا (ويب ڊيسڪ) هڪ اندازي موجب هن وقت دنيا ۾ هر سال 45 ڪروڙ ٽن پلاسٽڪ تيار ڪيو ويندو آهي، جنهن سان کائڻ ۽ پيئڻ جون ڊسپوزل شيون وڏي مقدار ۾ تيار ڪيون وينديون آهن.

سموري دنيا ۾ موجود سمنڊن ۾ هر 10 منٽن اندر گند جي هڪ ٽرڪ اڇلائي ويندي آهي، جنهن ۾ گھڻو مقدار پلاسٽڪ جو هوندو آهي.

اڄڪلهه جي جديد دور ۾ پاڪستان کان برطانيا، آمريڪا کان جاپان، چين کان ترڪي، سعودي عرب کان ملائيشيا تائين انسان کائڻ ۽ پيئڻ جي شين لاءِ پلاسٽڪ مان ٺهيل شين جو استعمال ڪندا آهن ۽ اهي ئي شيون انسان لاءِ خطرو ثابت ٿي رهيون آهن.

پنهنجي نوعيت جي ان پهرين ۽ انوکي تحقيق موجب دنيا ۾ موجود هر شخص هر سال 50 هزار پلاسٽڪ جا ذرڙا ڳهي رهيو آهي، دنيا جي ڪا به اهڙي جاءِ ناهي، جتي پلاسٽڪ جا ذرڙا موجود نه هجن ۽ انسان کي متاثر نه ڪري رهيا هجن.

ڪينيڊين ماهرن طرفان ڪيل پنهنجي نوعيت جي ان انوکي تحقيق موجب انسان نه رڳو پلاسٽڪ جا ذرڙا خوراڪ طور ڳهي رهيو آهي پر هو ساهه کڻڻ دوران به پلاسٽڪ جي گھڻن ننڍن ذرڙن کي پنهنجي جسم اندر داخل ڪري رهيو آهي.

ماهرن ماضي ۾ ٿيل 26 تحقيقن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ۽ پوءِ ٻڌايو ته گھڻو ڪري انسان مڇي کائڻ، پاڻي ۽ بيئر پيئڻ، پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ پيڪ ٿيل لوڻ، کنڊ ۽ مصالحا استعمال ڪرڻ دوران پلاسٽڪ جا ذرڙا پنهنجي جسم ۾ داخل ڪري رهيو آهي.

رپورٽ موجب پلاسٽڪ مان نظر نه ننڍڙا ذرڙا پاڻي، کاڌن، شربتن ۽ مصالحن ۾ گڏجي انساني خوراڪ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، ان سان گڏوگڏ ٻڌايو ويو آهي ته شهرن جي گدلي هوا، سامونڊي واري ۽ سمنڊ ۾ وهنجڻ دوران به انسان پلاسٽڪ جي ذرڙن کي ساهه ذريعي جسم ۾ داخل ڪري رهيو آهي.

ماهرن اهو به ٻڌايو آهي هر فرد طرفان هر سال پلاسٽڪ جا ذرڙا جسم ۾ داخل ٿيڻ جو انگ 50 سيڪڙو وڌي سگھي ٿو پر اندازي موجب هر سال بالغ فرد 50 هزار جڏهن ته نابالغ 40 هزار پلاسٽڪ ذرڙا ڳهي رهيو آهي.انسان طرفان پلاسٽڪ ذرڙا کائڻ جي تصديق گذريل سال نومبر ۾ ڪيل انساني فضلي جي ٽيسٽ مان به ٿي هئي. جنهن ۾ انسانن جي خارج ڪيل فضلي ۾ پلاسٽڪ جا ذرڙا مليا هئا.

You might also like