پٽاٽن جو ڪيڪ

شيون:

پٽاٽا اڌ ڪلو

رَٻَ 100 گرام پاڻي ۾ ڀِڃايو

ٽماٽو 2 عدد

ساوا بصر 2 عدد

پنير 100 گرام

يخني 4 کان 5 کاڌي جا چمچا

آنا 2 عدد

لوڻ ذائقي موجب

اڇن مرچن جو پائوڊر ذائقي موجب

مکڻ 2 کاڌي جا چمچا

ترڪيب:  پٽاٽا بوائل ڪري ميش ڪريو، هڪ پيالي ۾ پٽاٽا، رَٻَ، ٽماٽا، ساوا بصر، پنير، يخني، آنا، سفيد مرچ پائوڊر ۽ مکڻ وجهي چڱيءَ طريقي سان مڪس ڪريو، هاڻي ڪيڪ ٺاهڻ وارو ٽِن کڻو ۽ ان ۾ آئل لڳايو، تيار ڪيل مرڪب کي اڳ کان گرم اوون ۾ 180 سينٽي گريڊ تي 15 منٽن تائين پچايو، جڏهن ڪيڪ جي مٿين سطح گولڊن برائون ٿي وڃي ته ڪڍي وٺو ۽ پيش ڪريو.

You might also like