والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو اهلڪار سرڪاري رائفل مان گولي ڇٽڻ سبب فوت

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هڪ وڌيڪ اهلڪار پنهنجي سرڪاري رايفل کي صاف ڪندي گولي ڇٽڻ سبب حياتي وڃائي ويٺو .

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪشمير جي ضلعي گندربال جي علائقي سفاپورا ۾ قائم ڀارتي فوج جي هيڊ ڪوارٽر ۾ مقرر ترن ڪمار پنهنجي سرڪاري رائفل کي صاف ڪري رهيو ته غلطي سان گولي ڇٽڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو.

زخمي سپاهي کي ساٿين ملٽري اسپتال پهچايو جتي علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي سپاهي ترن ڪمار دم ڏنو، سپاهي جو مڙهه ضروري ڪارروائي کان پوءِ اباڻي علائقي روانو ڪيو ويو آهي.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي اهلڪارن جي آپگهات ڪرڻ ۽ پاڻ جهيڙن دوران فوت ٿيڻ جا واقعا عام آهن، ڀارتي بچاءُ واري وزارت به 2014ع ۾ هڪ سروي جاري ڪيو هو جنهن ۾ هر ٽئين ڏينهن هڪ ڀارتي فوجي جي آپگهات ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو هو.

You might also like