اوڦراٺي جو رول

شيون : چڪن بون ليس:1پاءُ

ڏهي :2 چمچا

لوڻ :1/2 چمچا

گرم مصالحو :1 چمچو

گاڙها مرچ :1 چمچو

گوشت کي ڳارڻ وارو پائوڊر :1/2 چمچو

تيل: 1 چمچو

اوڦراٺو ٺاهڻ جون شيون :

ميدو:2 ڪوپ

لوڻ : 1 چمچو

گيهه : 2 چمچا

مائيونيز:اڌ ڪوپ

چلي گارلڪ ساس: 2 چمچا

طريقو: هڪ وٽي ۾ گوشت، ڏهي، لوڻ، ڳارها مرچ، گرم مصالحو،گوشت ڳارڻ وارو پائوڊر ۽ تيل ملائي ڪري مڪس ڪيو. تقريبن 2 ڪلاڪ تائين رکي ڇڏيو. هڪ فراءِ پين ۾ گيهه وجهي گوشت وجهو ۽ ان کي ڳڙڻ تائين پچايو. اوڦراٺن جو اٽو ڳوهي ننڍا ننڍا پيڙا ٺاهيو. اوڦراٺي تي پهريان ٿورو مايونيز لڳايو، پوءِ پيسيل گوشت رکو ۽ چلي گارلڪ ساس وجهي گول اوڦراٺو رول ٺاهي پٽر پيپر ۾ پيڪ ڪيو.

You might also like