چوويهه ڄڻن جي شهادت کانپوءِ غزه ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي جو معاهدو

غزه ( ويب ڊيسڪ ) غزه ۽ اسرائيل اختيارين وچ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ جنگبندي جو معاهدو طئي ٿي ويو،  جڏهن ته ڇڪتاڻ دوران چويهه فلسطيني شهيد ۽ چار اسرائيلي شهري مارجي ويا هئا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ اسرائيل سان جنگبندي جو معاهدو طئي ٿي ويو،  جڏهن ته حماس طرفان به ٽي وي تي ان جو اعلان ڪيو ويو  آهي.

خابرو اداري موجب حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي ۾ مصر ٽياڪڙي جو ڪرادر ادا ڪيو فلسطيني ۽ مصري اختيارين ان جي تصديق پڻ ڪئي پر اسرائيل پاران اڃا تائين ڪو به ردعمل سامهون ناهي آهي.

هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي ڪاررواين جي حمايت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل هڪ ڀيرو وري حماس ۽ اسلامي جهاد گرد راڪٽ حملن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسرائيل جي پنهنجن شهرين جي بچاءُ لاءِ کنيل قدمن ۾ سئو سيڪڙو گڏ بيٺا آهيون.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن غزه تي اسرائيل جي بمباري ۽ هوائي حملن ۾ چئن مهينن جي ٻارڙي ۽ ڳورهاري عورت سميت 19 فلسطيني شهيد ٿي ويا هئا ۽ جمعي کان جاري اسرائيل حملن ۾ شهيد فلسطينن جو انگ 24 ٿي ويو آهي.

اسرائيل الزام مڙهيو هو ته غزه کان حماس پاران 500 کان وڌيڪ راڪٽ فائر ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 4 شهري مارجي ويا آهن.

You might also like