ڀارتي اعتراضن تي پاڪستان جو ڀرپور جواب

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چين ۾ ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف اجلاس ۾ ڀارتي اعتراضن جو ڀرپور جواب ڏنو آهي.

چين ۾ پاڪستان ۽ ايف اي ٽي ايف وچ ۾ ڳالهيون ٿيون آهن، جنهن ۾ آمريڪا، چين، ڀارت، جرمني، آسٽريليا، ملائيشيا، ترڪي ۽ برطانيا سميت 12 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

پاڪستان خلاف ڀارت ايف اي ٽي ايف ۾ 6 رڪني وفد آندو، جنهن ۾ ڪسٽم، بئنڪنگ ۽ ٽيڪسس جا ماهر شامل هئا.

اجلاس ۾ ناڻي بابت سيڪريٽري يونس ڍاگا جي سربراهي ۾ 12 رڪني وفد شرڪت ڪئي ۽ ڪرنسي سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ  تي بريفنگ ڏني وئي، ان دوران پاڪستان دهشتگردي خلاف حڪومتي قدمن بابت آگاهي ڏني ۽ ڀارتي اعتراضن جو ڀرپور جواب ڏنو.

You might also like