ملڪ جي معيشت مضبوط ٿي چڪي آهي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ کان بچائي ورتو، ڏکيو رستو پار ڪري ڇڏيوسين.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن وزيراعظم کي جاچ ڪميشن جي حوالي سان بريفنگ ڏني.

ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ بجيٽ ۽ حڪومتي هدفن بابت آگاهي ڏني، جڏهن ته ايف بي آر چيئرمين ٽيڪس سڌارن ۽ هدفن بابت بريف ڪيو.

وزيراعظم چيو ته جاچ ڪميشن جو مقصد 24 هزار ارب قرضن جو حساب آهي، جاچ ڪميشن جلد قائم ڪئي ويندي، اها اقامو رکندڙن جو به حساب ڪندي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿي چڪي آهي، هاڻ وقت آهي ته معيشت ٽيڪ آف ڪري، رستو ڏکيو جو جيڪو طئي ڪري ڇڏيوسين، ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ کان بچائي ورتو.

هن چيو ته ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سود ڏئي رهيا آهيون، 30 سيڪڙو ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، ملڪ جي 4 هزار روينيو مان 2 هزار قرض ۾ ويندو آهي.

اجلاس ۾ احساس پروگرام ۽ غربت جي خاتمي تي به ڳالهايو ويو، وزيراعظم چيو ته احساس پروگرام جي بجيٽ 100 اربن مان وڌائي 191 اربن تائين کڻي وياسين، عوام کي غربت جي ليڪي کان مٿي آڻڻ پهرين ترجيح آهي.

اجلاس ۾ اپوزيشن جي گرفتارين تي به غور ويچار ڪيو ويو ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته گرفتار ٿيندڙ اين آر او جي ڳولا ۾ آهن.

ان موقعي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستاني ٽيم کي دليري ڏيکارڻي پوندي، رانديگرن کي گهرجي ته شڪست جو خوف وساري پنهنجي راند کيڏن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.