پاڪستاني چانورن جي خريداري تي پابندي ختم….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قطر پاڪستاني چانورن جي خريداري تي لڳل پابندي ختم ڪري چانورن جي خريداري جي اجازت ڏئي ڇڏي.

تفصيل موجب واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود سان رائس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي.

وفد جي قيادت رائس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين صفدر ميڪري ڪئي.

ان موقعي تي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته قطر ۽ ايران جي منڊين تي چانورن جي وڪري مان فائدو کنيو ويندو. ايندڙ 5 سالن تائين تائين چانورن جي خريداري  کي 2 کان 5 ارب ڊالرن تائين وڌايو وڃي.

واپار واري صلاحڪار چيو ته چانورن جي وڪري کي 5 ارب ڊالرن تائين کڻي وڃڻ لاءِ گڏيل حڪمتي عملي بڻائينداسين، چين ۽ انڊونيشيا ۾ واڌو مارڪيٽ پهچ سان چانورن جي خريداري ۾ واڌ ٿي.

ان کان اڳ هڪ موقعي تي واپار واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته حڪومت 1 لک ٽن ڀاڻ خريد ڪندي، حڪومتي بندوبستن سان خرداري ۾ 6 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.