ڪرڪيٽر آصف علي جي نياڻي لاڏاڻو ڪري وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽر آصف علي جي نياڻي نور فاطمه آمريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

پاڪستان ٽيم جي ميڊيا مئنيجر  تصديق ڪندي چيو ته آصف علي جي نياڻي ڪيترن ئي مهينن کان بيمار ۽ آمريڪا ۾ علاج هيٺ هئي.

ميڊيا مئنيجر موجب آصف علي جي ڌيءَ جي بيمار هئڻ باوجود به قومي ٽيم لاءِ پنهنجا فرض انجام ڏيندو رهيو، ڏک جي هن گهڙي ۾ ٽيم جا سمورا ميمبر ساڻس گڏ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.