بابر اعظم ڪپتان طور پهرين امتحان ۾ ڪامياب

 

سڊني (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نئون ڪپتان بابر اعظم پنهنجي پهرين امتحان ۾ ڪامياب ٿي ويو، قومي ٽيم پريڪٽس ميچ ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا اليون کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آسٽريليا جي دوري جي شروعات ڪاميابيءَ سان ڪئي آهي پر گرين شرٽس جي اها فتح پريڪٽس ميچ دوران ڪرڪيٽ آسٽريليا اليون خلاف هئي.

سڊني ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميزبان ٽيم جي ڪپتان ڪرس لين ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪرڪيٽ آسٽريليا اليون مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهي سگهي.

مهمان ٽيم طرفان نيٿن مڪ 30 ۽ ڪرس لين 24 رنسن سان اڳڀرا رهيا، جڏهن ته ڪرس گرين 16 ۽ سدرلينڊ 10 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.


پاڪستان طرفان شاداب خان بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد عرفان، عماد وسيم ۽ وهاب رياض جي حصي ۾ هڪ – هڪ وڪيٽ ڪئي.

جواب ۾ پاڪستاني اوپنرن ڪپتان بابر اعظم ۽ فخر زمان ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي 78 رنسن جو بهترين اسٽارٽ فراهم ڪيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ٽي ٽوئنٽي سيريز: پاڪ وومين ٽيم بنگلاديش کي ڪاميابي لاءِ سِڪائي ماريو

فخر زمان 43 ۽ بابر اعظم 34 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته حارث سهيل 32 رنسن جي اننگز کيڏي.

پاڪستان 18هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو.

بهترين بالنگ تي شاداب خان کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

واضح رهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم نوجوان بابر اعظم جي اڳواڻي ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ آسٽريليا ۾ موجود آهي.

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعات 3 نومبر کان ٿيندي، ٻنهي ٽيمن ۾ ٻي ميچ 5، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 8 نومبر تي کيڏي ويندي.

ان کانپوءِ پاڪستاني ٽيم اظهر علي جي قيادت ۾ آسٽريليا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز پڻ کيڏندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.