پاڪستان جو ڪشمير مسئلو انصاف جي عالمي عدالت ۾ اُٿارڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو انصاف جي عالمي عدالت کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدم کانپوءِ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻ جي فيصلي جي اصولي منظوري ڏني وئي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي منظوري جي تصديق ڪئي.

هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت ۽ قانون واري وزارت کي جڳ مشهور وڪيلن جو پئنل جوڙڻ جي هدايت به جاري ڪئي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ اهو معاملو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ ڪشميرين جي نسل ڪشي تي ڌيان رکندي پيش ڪيو ويندو.

هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته والاريل ڪشمير جو معاملو عالمي عدالت ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو سمورن قانوني پهلوئن تي غور ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويو، ڪجهه ٽيڪنيڪي معاملن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ دي هيگ ۾ قائم انصاف جي عالمي عدالت سان رابطو ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته اسان جو موقف واضح، اصولي ۽ ٺوس آهي، فيصلو سمورن قانون پهلوئن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، جنهن جا سمورا تفصيل قانون واري وزارت جلد جاري ڪندي.

You might also like