ايندڙ مهيني بجلي وڌيڪ مهانگي، نئين ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم تي پابندي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پاڪستان جي معيشت تي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.  آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان کي ايندڙ مهيني بجليءَ جا اگهه اڍائي رپيه في يونٽ وڌائڻا پوندا،  پاڪستان بجيٽ ۾ 733 ارب 50 ڪروڙ رپين جون نيون ٽيڪسون لڳايون آهن.  پارليامينٽ کي آگاهه ڪيو ويو ته 516 ارب رپين جون ٽيڪسون لڳايون ويون جيڪي حقيقت ۾ 733 ارب 50 ڪروڙ رپين جون آهن.  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي سيپٽمبر تائين هڪ هزار ارب رپين جون ٽيڪسون گڏ ڪرڻيون پونديون، پاڪستان کي پنهنجي معيشت جي بهتري لاءِ 25 ارب ڊالرن جي ضرورت  آهي،  مئي کان ڪرنسي جي شرح جي مٽاسٽا مارڪيٽه طئه ڪري رهيو آهي پر اسٽيٽ بئنڪ اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهي.  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جو پئڪيج مڪمل ٿيڻ تائين پاڪستان ڪا نئين ايمنسٽي اسڪيم نه آڻي سگهندو،  جڏهن ته پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي 27 نقطن تي عمل يقيني بڻائڻو پوندو.  رپورٽ موجب رئيل اسٽيٽ سيڪٽر ۽ زرعي آمدني تي ٽيڪس هڻڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، ٽيڪس رعايت ۽ ڇوٽ ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، پراپرٽي جي قيمت مارڪيٽ ويليو ويجهو آڻڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.  رپورٽ موجب پاڪستان ٽيڪسن جي شرح ۾ جي ڊي پي جو 4 کان 5 سيڪڙو وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، سگريٽ، کنڊ ۽ سيمينٽ تي ايڪسائيز ڊيوٽي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  پاڪستان درآمدي گئس ۽ لگزري شين تي ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  رپورٽ موجب هلندڙ سال مهانگائي جي شرح 13 سيڪڙو تائين ويندي، ايندڙ سال پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 8 ڏهائي 3 سيڪڙو رهندي، هلندڙ سال پاڪستان جو بجيٽ خسارو 7 ڏهائي 3 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال خسارو 5 ڏهائي 4 سيڪڙو رهندو.  رپورٽ موجب پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي سفارشن تي آڪٽوبر 2019ع تائين عمل ڪرڻو پوندو، 2020ع ۾ قرضن جي شرح جي ڊي پي 80 ڏهائي 5 سيڪڙو تائين پهچي ويندي، 2024ع ۾ قرضن جي شرح جي ڊي پي 67 سيڪڙو تائين پهچي ويندي، 2024ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي 2 سيڪرو تائين گهٽ ٿي ويندو، سماجي شعبي جي حفاظت لاءِ بجيٽ ۾ 50 ارب رپيه مخصوص ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.